Book Name:Maut kay Qasid

گو پیشِ نظر قبر کا پُرھول گڑھا ہے

افسوس! مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

موت جون سختيون

حُجَّة الْاِسْلَام حضرتِ سَيدُنا امام محمد بن محمد غزاليرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه موت جي سختين کي بيان ڪندي فرمائن ٿا: نَزع (يعني سڪرات) اُن تڪليف جو نالو آهي جيڪا سڌو سنئون رُوْح تي نازِل ٿيندي آهي ۽ سمورن عضون کي گھيريندي آهي ايستائين جو رُوْح جو اهو حِصّو به تڪليف محسوس ڪندو آهي جيڪو بدن جي گِهرائين ۾ آهي۔نَزع جون تڪليفون سڌو سنئون رُوْح تي حملو ڪنديون آهن ۽ پوءِ اهي تڪليفون تمام بدن ۾ ائين ڦهلجي وينديون آهن جو هر هر نس، رَڳ، حصّي ۽ جوڙ کان رُوح ڇڪيو ويندو آهي ۽ هر وار جي جڙ ۽ مٿي کان پيرن تائين کل جي هر حصّي مان رُوح ڪڍيو ويندو آهي، تنهنڪري اُن وَقت جي تڪليف ۽ دَرد جو اَندازو ڪير ٿو ڪري سگھي۔ بُزرگن ته ايستائين فرمائي ڇڏيو جو موت جي تڪليف تلوار جي وار، آري جي چِيرڻ ۽ قينچي جي ڪٽڻ کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي ڇوته جڏهن تلوار جو وار بدن تي پوندو آهي ته بدن کي تڪليف ان ڪري محسوس ٿيندي آهي جو ان جو رُوح سان تَعلُّق قائم آهي۔ ته ٿورو اَندازو ڪيو ته ان وَقْت ڪيتري قدر تڪليف ٿيندي جڏهن تلوار سڌو سنئون رُوْح تي پوندي ؟ جڏهن ڪنهن کي تلوار سان زَخْمي ڪيو وڃي  ته مدد گھري سگھي ٿو ۽ چيخ وپُڪار ڪري سگھي ٿو ڇوته ان جي زَبان و جسم ۾ طاقت مَوجُود آهي جڏهن ته