Share this link via
Personality Websites!
گھرجن۔ اسان جا بُزرگانِ دِين ائين ته پنهنجي سموري زندگي فڪرِ آخرت ۽ اَحڪامِ خُداوَندي جي بجا آوري ۾ ئي بسر ڪندا هئا پر جڏهن انهن کي پنهنجي ڏاڙھي يا مٿي جي وارن ۾ هڪ اڇو وار نظر ايندو هو ته خَلْوَت نشيني اِخْتيار ڪندا هئا ۽ هر وَقْت الله عَزَّوَجَلَّ جي عِبادَت ۽ رِياضَت ۾ مَشغُول ٿي ويندا هئا۔جيئن ته
حضرتِ سيدُنا اياس بن قتاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي قوم جا سردار هئا۔ هڪ ڏينهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن پنهنجي ڏاڙھي ۾ هڪ سفيد وار ڏٺو ته دُعا ڪئي:'' يا الله عَزَّوَجَلَّ! مان اوچتو ٿيڻ وارن حادِثن کان تنهنجي پناھ چاهيان ٿو، مون کي معلوم آهي ته موت منهنجي تاڪ ۾ آهي ۽ مان ان کان بچي نٿو سگھان۔'' پوءِ اُهي پنهنجي قوم وٽ تشريف وٺي ويا ۽ فرمائڻ لڳا:'' اي بنو سعد! مون پنهنجي جواني توهان تي وَقْف ڪري ڇڏي هئي هاڻي توهان مون کي منهنجي پوڙهائپ بخشي ڇڏيو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي گھر تشريف فرما ٿيا ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا ايستائين جو سندن وِصال ٿي ويو۔
(بحر الدموع،ص۱۱۲ )
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پُوڙھو ماڻهو موت جي گھڻو ويجھو هوندو آهي پر ان جي باوجود ڪي ماڻهو هن عمر ۾ به گُناهن جي دَلْدَل ۾ ڦاٿل رهندا آهن ۽ گار گند، فلمون ڊراما، ڪوڙ، غيبت، چُغْلي کان پاسو نه ڪري سگھندا آهن ۽ مال ڪمائڻ جي ڌُن انهن تي سوار رهندي آهي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ اچي ٿو ته حُسنِ اَخلاق جي پيڪر،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami