Book Name:Maut kay Qasid

وارن جا نالا ملڪ الموت حضرتِ سيدنا عزرائيل عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي حوالي ڪيا ويندا آهن، هاءِ!

 

عزیزا یاد کر جس دن کہ عِزرائیل آئیں گے

 

نہ جاوے کوئی تیرے سَنگ اکیلا تُونے جانا ہے

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! زِندگي موت جي اَمانت آهي جيڪا هوريان هوريان ۽ ڪڏهن اوچتو موت جي ور چڙهي ويندي آهي، هر جاندار کي موت جي دروازي مان گُذرڻو پوندو۔ موت جو وَقْت يقيناً مُقرر آهي پر اسان کي ان جي خبر ناهي ته ڪڏهن اسان جو موت سان ملڻ ٿيندو، پر جڏهن مٿي ۽ ڏاڙھي جي وارن ۾ چاندني چمڪڻ لڳي (يعني اڇا وار ظاهر ٿين) ۽ عُمر به گھڻي ٿي وڃي ته پوءِ ڄاڻڻ گھرجي ته هاڻي اِمتحان بلڪل ويجھو آهي ڇوته جواني جي اُڏام کان پوءِ پوڙهائپ جي گھاٽي موت جا قاصد (پيغام ڏيڻ وارا) آهن۔ اچو! موت جي انهن قاصدن جي باري ۾ هڪ حِڪايت ٻڌون ٿا ۽ ان مان نصيحت جا مَدَني گل حاصل ڪري پنهنجي اصلاح جي ڪوشش به ڪيون ٿا جيئن؛

 

موت جا ٽي قاصد

 الله تعاليٰ جي پياري نبي حضرتِ سيدُنا يعقوب عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام ۽ حضرت سيّدنا عزرائيل مَلَڪُ الموت عَلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام ۾ دوستي هئي. هڪ ڀيري جڏهن حضرت سيّدنا مَلَڪُ الموت عَلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام آيا ته حضرت يعقوب عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پڇيو ته توهان ملاقات جي لاءِ آيا آهيو يا منهنجو روح قبض ڪرڻ جي لاءِ؟ چيائين؛ ملاقات جي لاءِ