Book Name:Maut kay Qasid

صدما، مُڙدي جي بي وسي، بادشاهن جون هڏيون، فاتحه جو طريقو“ وغيره تقسيم ڪرڻ جي ترڪيب ڪن۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مَچی ہو!

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”صداءِ مدينه“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن م وڌ کان وڌ حصَّو وٺو۔ انهن 12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم روزانو ”صداءِ مدينه لڳائڻ“ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نَمازِ فَجر جي لاءِ جاڳائڻ کي صداءِ مدينه لڳائڻ چئبو آهي۔يقيناً اڄ جي دور ۾ جڏهن ته مُسَلمان دين کان گھڻو پري آهن ۽ لاڳيتو پري 4ٿي رهيا آهن۔ ماڻهن آخرت کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي ۽ دنيا ۾ مصروف رهجي ويا اهن۔ سنتون ۽ نفل پڙھڻ ته رهيو پر ماڻهن جي اَڪثَرِيت فرض نمازون تائين قضا ڪندي آهي۔ مسجدون ويران پيون ٿين اهڙين حالتن ۾ انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ ۽ انهيءَ عزم جي تڪميل جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ يقيناً سَعادَت کان گھٽ ناهي۔ ان ڪري ڪوشش ڪيو ۽ وڌ کان وڌ صداءِ مدينه لڳايو ۽ مسجدن جي آباد ڪاري ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ مَنْقُول آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضْرتِ سيدُنا عمرفاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هي معمول هو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماڻهن کي نماز جي لاءِ بيدار ڪندا هئا، جڏهن نمازِ فجر جي لاءِ تَشْرِيف کڻي ايندا هئا ته راھ ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جڳائيندي ايندا، ۽ اذانِ فجر جي فوراً بعد جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو