Book Name:Maut kay Qasid

يادرکو! بيماري جون فضيلتون ان صُورت ۾ حاصل ٿي سگھنديون جو جڏهن اسان پنهنجي زبان سان شڪوي شڪايت جو اِظهار ڪرڻ بدران صبر ۽ شڪر جو مُظاهرو ڪيون۔ حضرت عطاء بن يسار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته جڏهن ڪو ٻانهو بيمار ٿيندو آهي ته الله تعاليٰ ان ڏانهن ٻن ملائڪن کي موڪليندو آهي ۽ انهن کي فرمائيندو آهي: ڏسو اهو پنهنجي عيادت ڪرڻ وارن سان ڇا چوي ٿو؟'' جيڪڏهن اهو مريض پنهنجي عيادت جي لاءِ اچڻ وارن جي موجودگي ۾ الله تعاليٰ جي حمد و ثنا بيان ڪري (يعني شڪر اَدا ڪري) ته اُهي ملائڪ ان جي اها ڳالھ بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪندا آهن حالانڪ الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻڻ وارو آهي۔ الله تعاليٰ فرمائيندو آهي: منهنجي ٻانهي جو مون تي حق آهي ته مان ان کي جنَّت ۾ داخل ڪيان ۽ جيڪڏهن ان کي شِفا ڏيان ته ان جي گوشت کي بهتر گوشت سان بدلي ڇڏيان ۽ ان جا گُناھ مٽائي ڇڏيان۔ (موطا امام مالڪ،ج۲، ص٤٢٩،الحديث: ١٧٩٨)

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي هر بيماري ۽ پريشانيءَ ۾ صبرڪرڻ ۽ پنهنجي موت کي ياد رکندي ان جي وڌ کان وڌ تياري ڪرڻ جي توفيق عطافرمائي ۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جهنّم جي دروازي تي نالو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آخرت جي تياري نه ڪرڻ ۽ گُناهن تي قائم رهڻ باعثِ هلاڪت ۽ خُدا ۽ مُصطَفٰي عَزَّ وَجَلَّ و صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم