Book Name:Maut kay Qasid

حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت آهي، مُسلمان اِن ڪري کائي پيئي سمهي جاڳي جو هي حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سُنَّتون آهن۔ حَياةٌ الدُّنْيا ٻي شيء آهي، حيٰوةٌ فِي الدُّنْيا ٻي، حَياةٌ لِّلدُّنيا اڃا به ٻي، يعني دُنيا جي زِندَگي ، دُنيا ۾ زِندگي ، دُنيا جي لاءِ زِندگي۔ جيڪا زِندَگي دُنيا ۾ هجي پر آخرت جي لاءِ هجي دُنيا جي لاءِ نه هجي، اها مُبارَڪ آهي۔

(مراٰة، ج ۷،ص ۳ )

دل سے میرے دُنیا کی مَحَبَّت نہیں جاتی

سرکار گُناہوں کی بھی عادت نہیں جاتی

دِن رات مُسلسل ہے گُناہوں کا تَسلسُل

کچھ تم ہی کرو نا یہ نحوست نہیں جاتی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

!                                  

تُو اچانڪ موت کا ہوگا شڪار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موت کان پهريان ان جا قاصد ايندا آهن پر هن اِنتظار ۾ هرگز نه رهڻ گھرجي جو جڏهن موت جا قاصد اچي ويندا ته پوءِ ان جي تياري شروع ڪنداسين، ڪڏهن ڪڏهن موت جا قاصد نٿا اچن ۽ انسان اوچتو ئي موت جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ ان ڪري! ان کان پهريان جو اوچتو پيامِ اَجَل (يعني موت جو پيغام) اچي پهچي ۽ اسان پنهنجي عزيزن مائٽن کي روئيندو ڇڏي دُنيا جي فاني رونقن، لذّتن ۽ آسائشن کان پاسو ڪري قبر جي هولناڪ ۽ اونداهي کڏ ۾ هزارين مُردن جي وچ ۾ اڪيلا سمهي رهون، هينئر کان موت جي تياري شُروع ڪري ڇڏيو ۽ جواني جي نَشي ۾ مدهوش ٿيڻ جي ڪري