Book Name:Maut kay Qasid

جي تمام راحت سامانين کي کڻي وئي۔ گھوٽ صاحب موت جي آغوش ۾ هليو ويو ۽ خوشين ڀريو گھر ڏسندي ئي ڏسندي ماتم خانو بڻجي ويو۔ هن حِڪايت کي ٻڌي شادين ۾ بي هوده فنڪشن برپا ڪرڻ وارن ۽ ان ۾ شريڪ ٿي ڳائڻ وڄائڻ جي دُھنن تي کلي کلي خوشي جا نعرا بُلند ڪرڻ وارن جون اکيون کلڻ گھرجن۔

نہیں درکار وہ خوشیاں جو غفلت کا بنیں ساماں

عطا کر اپنی اُلفت اپنے پیارے کا تُو غم مولیٰ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪٿي آهن اهي خوبصورت چهرا

اَمِيرُالْمُؤمِنين حضرتِ سَيدُنا صِدِّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نوجوانن کي دُنيا جي بي ثباتين، ان جي بيوفائين ۽ قَبر جي اونداهين جو اِحساس ڏياريندي خوابِ غفلت مان بيدار ڪرڻ ۽ قَبْر وحشْر جي تياري جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ خُطبي دَوران فرمائيندا هئا: ڪٿي آهن اهي خُوبصورت چِهري وارا؟ ڪٿي آهن پنهنجي جوانين تي آڪڙ ڪرڻ وارا؟ ڪيڏانهن ويا اُهي بادشاھ جِن عاليشان شهر تعمير ڪرايا ۽ انهن کي مضبوط قَلعن سان تَقْوِيت بخشي؟ ڪيڏانهن هليا ويا ميدانِ جنگ ۾ غالِب اچڻ وارا؟ بيشڪ زَماني اُنهن کي ذليل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اُهي قَبْر جي اونداهين ۾ پيا آهن۔ جلدي ڪيو!نيڪين ۾ سبقت ڪيو! ۽ نَجات طَلَب ڪيو۔

(شعب الايمان،باب في الزهد وقصر الأمل،۷/۳۶۴، حديث:۱۰۵۹۵)