Book Name:Maut kay Qasid

مون سچي دل سان گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪئي، نمازي بڻجي ويس۔ دعوت اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ به حاضر ٿيڻ لڳس۔ چهري کي ڏاڙھي مبارڪ ۽ مٿي کي عمامي شريف سان سجائي ورتو ۽ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔ ( ڪالے بچھو کا خوف: ۲۸)

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مَچی ہو!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اعتڪاف جي ترغيب

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهعَزَّوَجَلَّ رَمَضانُ الْمُبارَڪ جي آمدآمد آهي ۽ هن مُبارَڪ مهيني جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي هن مهيني ۾  عبادت ڪرڻ ۽ نيڪين ۾ اِضافو ڪرڻ جا مَوقعا گھڻا وڌي ويندا آهن۔ان ڪري هن مهيني ۾ نيڪيون وڌائڻ ۽ پاڻ کي گُناهن کان بَچائڻ ۽ خُوب خُوب علمِ دين حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذَريعو سڄي رمضان جي مهيني يا آخري عشري جو اِعْتڪاف به آهي ۽ اعتڪاف جي فضيلت جو اندازو هن حديثِ پاڪ مان لڳايو جو اُمّ الْمُؤمِنِين حضرتِ سَيدَتُنا عائِشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ ابدقرار،شفيعِ روزِ شمار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ خوشبودار آهي: مَنِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖيعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتِڪاف ڪيو،ان جا اڳوڻا سمورا گناھ بخشيا ويندا۔''

 (جامع صغير ص۵۱۶الحديث۸۴۸۰)