Share this link via
Personality Websites!
غفلت جو جيڪو پردو اسان جي عقل تي پئجي چُڪو آهي ان کي پري ڪرڻ جي لاءِ اچو! نوجوانن جي اوچتو موت جا ڪجھ عبرتناڪ واقعا ٻڌون ٿا ۔
منقول آهي هڪ شخص سيلاب اچڻ واري هنڌ تي پنهنجو گھر بڻائي رکيو هو، جڏهن ان کي چيو ويو ته ''اها نهايت خطرناڪ جڳھ آهي هتان کان هٽي وڃ۔'' ته ان چيو: ''مون کي معلوم آهي ته اها جڳھ خطرناڪ آهي پر ان جي خُوبصورتي ۽ تازگيءَ مون کي تَعَجّب ۾ وجھي ڇڏيو آهي ۔''ان کي چيو ويو ته'' تمام رونقون ۽ خُوبصورتيون زندگي سان گڏ آهن، ان ڪري پنهنجي جان جي حفاظت ڪر، پنهنجي پاڻ کي خطري ۾ نه وجھ۔'' اُن چيو: ''مان هيءَ جڳھ هرگز نه ڇڏيندس۔'' پوءِ هڪ رات نيند جي حالت ۾ ان کي سيلاب اچي ورتو ۽ اهو غرق ٿي مري ويو۔ (عيون الحڪايات،ص۴۴۶ )
شيخِ طريقت،اميراَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه هڪ نوجوان جي اوچتو موت جو عبرت ناڪ واقعو بيان فرمائن ٿا ته بنگله ديش ۾ هڪ نوجوان ڏاڙھي رکي هئي، جڏهن اُن جي شادي جو وَقت ويجھو آيو ته والِدَين ڏاڙھي ڪٽائڻ تي مجبور ڪيو۔ ان نه چاهيندي حجم وٽ وڃي ڏاڙھي ڪٽائي ڪري گھر ڏانهن ايندي روڊ ڪراس ڪري رهيو هو ته ڪنهن تيزرفتار گاڏيءَ چيڀاٽي ڇڏيو، ان جو ساھ نڪري ويو ۽ ان جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami