Book Name:Maut kay Qasid

حضرت سيّدنا يعقوب عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرمايو: مون کي وفات ڏيڻ کان اڳ ۾ مون وٽ پنهنجا قاصد (پيغام ڏيڻ وارا) موڪلجانءِ، مَلَڪُ الموت عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام چيو: آئون توهان وٽ ٻه يا ٽي قاصد موڪليندس، جڏهن حضرت سيّدنا يعقوب عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جو روح قبض ڪرڻ لاءِ مَلَڪُ الموت عَلَيْهِ السَّلَام آيا ته پاڻ عَلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام ارشاد فرمايو: توهان کي منهنجي وفات کان پهريان مون ڏانهن قاصد موڪلڻا هئا، انهن جو ڇا ٿيو؟ حضرت سيّدنا ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام چيو:ڪارن وارن کان پوءِ اَڇا وار، جسماني طاقت کان پوءِ ڪمزوري، سڌي چيلهه کان پوءِ چيلهه جو جُهڪي وڃڻ، اي يعقوب (عَلٰى نَبِيِّـنَا وَ عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام)! موت کان اڳ انسان ڏانهن منهنجا اهي ئي  ته قاصد آهن۔“  (مڪاشفةالقلوب ص 21)

بيماري به موت جو قاصد آهي

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت کي ٻڌي اسان کي به معلوم ٿيو ته موت اچڻ کان اڳ ۾ مَلَڪُ الموت عَلَيْهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام پنهنجا قاصد موڪليندو آهي، ته جيئن ٻانهو سڌري وٺي ۽ پنهنجي گناهن کان توبه ڪري الله ۽ ان جي رسول جي احڪامن جي پيروي ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي آخرت جي تياري ۾ مصروف ٿي وڃي، ياد رکو موت جي انهن ٽنهي قاصدن کان علاوه مختلف بيماريون، ڪنن ۽ اکين ۾ تبديلي (يعني نظر جو ڪمزور ٿيڻ ۽ ٻُڌڻ جي قوت ۾ ڪمي يعني ٻوڙائپ) به موت جا قاصد آهن۔ اسان مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوندا جن وٽ ملڪُ الموت عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جا اهي قاصد پيغامِ اجل (يعني موت جو پيغام) کڻي آيا هوندا، پر اسان جي غفلت جو اندازو هن ڳالھ مان