Book Name:Maut kay Qasid

شادي جا اَرمان خاڪ ۾ ملي ويا، ماء پيء نه بچائي سگھيا! نه شادي ٿي نه ڏاڙھي رهي۔ (نيڪي جي دعوت، ص۵۵۶)

شادي وارو گھر ماتم خانو بڻجي ويو

هڪ شخص جنهن جو گھر قبرستان جي ويجھو هو ان پنهنجي پٽ جي شادي جي سلسلي ۾ رات جو ناچ رنگ جي محفِل قائم ڪئي، ماڻهو ناچ رنگ ۽ شور شرابي ۾ مشغول هئا جو قبرستان جي خاموشي چِيرندي ٻه عَرَبي شعرن تي مُشتمِل هڪ گرجدار آواز گُونجيو،''اي ناچ رنگ جي ناپائدار لذّتن ۾ مُنْهمِڪ ٿيڻ وارؤ! موت تمام راند روند کي خَتْم ڪري ڇڏيندو آهي۔ گھڻا ئي اهڙا ماڻهو اسان ڏٺا آهن جيڪي مسرّتن ۽ لذّتن ۾ غافِل هئا موت انهن کي پنهنجي اهل وعيال کان جُدا ڪري ڇڏيو!'' راوي چون ٿا۔ خدا جو قسم! ڪجھ ڏينهن کان پوءِ گھوٽ جو انتقال ٿي ويو۔

 (ابن ابي دنيا،ڪتاب الاعتبار واعقاب السرورو الاحزان، الرقم۴۱ ،ج۶،ص۳۱)

کِھلکِھلا کر ہنس رہا ہے  بے خبر

قبر میں روئے گا چیخیں مار کر

کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی

قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص712)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان شادي جي مرڪندڙ ٽهڪندڙ گھر ۾! موت جي آندھي آئي ۽ کل مذاق، شور شرابي، سَنگيت جي دُھنن، چُٽڪلن ۽ ٽهڪن شادمانين ۽ مسرّتن، زنده ارمانن ۽ خوشي