Book Name:Maut kay Qasid

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عَقل مند اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي موت کان پهريان موت جي تياري ڪندي نيڪين جو ذَخيرو گڏ ڪري وٺي ۽ سُنَّتن جو مَدَني چَراغ قَبر ۾ گڏ کڻي وڃي ۽ ائين قَبر جي روشني جو اِنتِظام ڪري وٺي، نه ته قَبر هرگز اهو لحاظ نه ڪندي ته منهنجي اندر ڪير آيو آهي! امير هجي يا فقير، وزير هجي يا اُن جو مُشِير، حاڪم هجي يا محڪوم، افسر هجي يا پٽيوالو، سيٺ هجي يا مُلازِم، ڊاڪٽر هجي يا مريض، ٺيڪيدار هجي يا مزدُور جيڪڏهن ڪنهن جي آخِرت جي تياري ۾ ڪمي رهي، نَمازون ڄاڻي واڻي قضا ڪيون، رَمَضان شريف جي روزا بنا عُذْرِ شَرعي نه رکيا، فَرض هوندي به زڪوٰة نه ڏني، حج فرض هو پر اَدا نه ڪيو، قدرت باوُجُود شَرعي پردو نافِذ نه ڪيو، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪئي، ڪوڙ، غيبت ، چُغْلي جي عادت رهي، فلمون، ڊراما ڏسندا رهيا، ڳائڻ وڄائڻ ٻڌندا رهيا، ڏاڙهي ڪٽائيندا رهيا،يا هڪ مٺ کان گهٽائيندا رهيا. آخر ڪار گناهن جو بازار گرم رکيو ته الله ۽ اُن جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي جي صُورت ۾ حَسرت ونَدامت جي علاوه ٻيو ڪجھ هٿ نه ايندو۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب           صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلٰى مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يادرکو! موت جو ڏينهن مُقرَّر آهي، اسان دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليا وڃون، مضبوط کان مضبوط عمارت ۾ لڪي رهون يا عاليشان محلن ۾ بند ٿي وڃون پر موت پنهنجي وَقْت تي ضرور اچي ويندو۔ جيئن سيپاري 5 سُوْرَة النِّساء جي آيت نمبر 78 ۾ ارشاد آهي: