Book Name:Maut kay Qasid

انتقال ٿيو انهيءَ رات ان جو خوبصورت اولاد پيدا ٿيو پر پيء پنهنجي ٻار کي نه ڏسي سگھيو۔ (عيون الحڪايات ج ۱ص۱۹۶)

 

عمرِ دراز مانگ کر لائے تھے چار دن            

 

دو آرزو میں کٹ گئے دو انتظار میں

بلبل کو باغباں سے نہ صیّاد سے گِلہ             

 

قسمت میں قید لکھی تھی فصلِ بہار میں

 

موت جو هڪ قاصد ’’بيماري‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ائين ته اسان مان هر هڪ کي موت کان غافل نه رهڻ گھرجي ۽ هر وَقت موت جي تياري ڪرڻ گھرجي پر خاص ڪري مَرِيض جو موت کان غافِل رهڻ حيرت انگيز آهي. جيئن ته بَيان ڪيل واقعي ۾ اسان ٻڌو ته اهو شخص بسترِعَلالَت تي هئڻ باوُجُود دُنيوِي مُعامَلات ۾ ڦاٿل رهيو ۽ موت اچي ويو ۽ ان جو سموريون خواهشون ۽ آرزئون اڻ پوريون ئي رهجي ويون۔

حُجَّة الْاِسْلام حضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَة الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مريض کي گھرجي ته موت کي ڪثرت سان ياد ڪري، توبه ڪندي موت جي تياري ڪري، هميشه الله تعاليٰ جي حمد وثنا ڪري، خُوب ٻاڏائي دُعا ڪري، عاجزي جو اِظهار ڪري، خالق ومالڪ جَلَّ جَلَالُه کان مدد گھرڻ سان گڏوگڏ علاج به ڪرائي، قُوّت ۽ طاقت ملڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر اَدا ڪري، شڪوه شڪايت نه ڪري، تيمارداري (همدردي) ڪرڻ وارن جي تعظيم ۽ اِحترام ڪري۔

(رسائل امام غزالي، الادب في الدين،ص٤٠٩)