Book Name:Maut kay Qasid

هو ته ان کي به جڳائيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳) اسان کي به گھرجي ته بالخصوص نمازِ فجر ۾ صداءِ مدينه لڳايون ۽ ٻين نمازن ۾ به پنهنجي گھر وارن رشتيدارن ۽ گلي بازارن ۾ ويٺل مسلمانن تي اِنْفرادي ڪوشش ڪري نماز جي لاءِ مسجد ۾ گڏ وٺي اچون ٿي سگھي ٿو ته اسان جي اِنْفرادي ڪوشش سان ڪو پڪو نمازي بڻجي وڃي ۽ اسان جي لاءِ ثوابِ جاريه جو ذريعو بڻجي وڃي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔

بي نمازي ،نمازي بڻجي ويو

سردارآباد (فيصل آباد) جي هجويري ٽائون محله بلال گنج ۾ مقيم اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوت اسلامي جي پاڪيزه مدني ماحول کان وابسته ٿيڻ کان پهريان مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ مان هڪ ماڊرن، ڪلين شيو، فلمون ڊراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ منهنجو محبوب مشغلو هو، پنج وقت جي نماز ته ڇا جمعو پڙھڻ کان به محروم رهندو هئس۔ هڪ ڏينهن ڪنهن عزيز جي گھر وڃڻ ٿيو ته اتي ويٺي ويٺي اوچتو منهنجي نظر الماري ۾ رکيل هڪ اسلامي ڪتاب تي پئي مون اهو ڪتاب کنيو ۽ پڙھڻ شروع ڪيو۔ ڪتاب تمام سٺو هو ان ڪري منهنجي دل ۾ ديني ڪتابن جي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو پوءِ مون پنهنجي دوست کان مطالعي جي لاءِ ڪجھ ڪتاب گھريا ان مون کي قبر و آخرت جي باري ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ڪجھ رسالا ڏنا۔ جڏهن مون انهن رسالن جو مطالعو ڪيو ته مون تي رقت طاري ٿي وئي منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ هن ڳالھ جو احساس ٿيو ته مون هينئر تائين غفلت جي زندگي گذاري رهيو هئس۔ انهيءَ وقت