Book Name:Maut kay Qasid

·          اَنْجام برداشت ڪرڻو پوي ٿو۔

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطافرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلس تجهيز و تڪفين جو تَعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي ماڻهن ۾ فڪرِ آخرت بيدار ڪرڻ ۽ انهن کي موت جي تياري ڪرڻ جو ذهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ وڌ 103 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهي آهي ۔انهن مان هڪ شعبو’’مجلس تجهيز و تڪفين‘‘ به آهي، ان مجلس جو ڪم شريعت ۽ مدني مرڪز جي ڏنل طريقِي ڪار مُطابق مسلمان ميتن جي غسل و ڪفن ۽ لَواحقين جي غمگساري جا سمورا معاملا سر انجام ڏئي ثواب ڪمائڻ آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهعَزَّوَجَلَّ مجلس تجهيز و تڪفين جي تحت وقت بوقت، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ تربيتي اجتماعات جو به انعقاد ڪيو ويندو آهي، مڪتبة المدينه هڪ DVD بنام ’’تجهيز و تڪفين تربيتي اجتماع‘‘به جاري ڪئي آهي، هن شعبي جي ويب سائٽ tajheezotakfeen.dawateislami.net تان هن DVD کي ڏسي ۽ ٻڌي سگھجي ٿو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مجلس تجهيز و تڪفين تحت ٽيهجي، چاليهي ۽ ورسي جي موقعي تي ايصالِ ثواب جي اجتماع جي به ترڪيب ڪئي ويندي آهي، هن موقعي تي مجلس تقسيمِ رسائل جي به ترغيب ڏياري ويندي آهي جو هي خاص ڪري انهن رسالن ”قبر جي پهرين رات، مُڙدي جا