Book Name:Maut kay Qasid

موت کي ياد ڪرڻ جو وڌيڪ مُفيد طريقو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پاڻ کي خوف ڏيارڻ ۽ دل کي قبر ۽ آخرت جي فڪر ۾ لڳائڻ جي لاءِ موت جو تَصوُّر ڄمائڻ جو طريقو هي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ دل کي هر قسم جي دنياوي خيالن کان پاڪ ڪري پوءِ پهريان پنهنجي انهن دوستن ۽ رشتيدارن کي ياد ڪريو، جيڪي انتقال ڪري چڪا آهن، پنهنجي ويجھو ۽ پاڙي ۾ رهڻ وارن انتقال ڪري وڃڻ وارن مان هڪ هڪ کي ياد ڪريو ۽ تصور ئي تصور ۾ انهن جا چهرا سامهون سمجھو ۽ خيال ڪيو ته اهي ڪهڙي طرح دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي منصب ۽ ڪم ۾ مشغول، وڏيون اميدون ڪيو، دنياوي تعليم جي ذريعي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪوشان هئا ۽ اهڙن ڪمن جي تدبيرن جي پويان لڳل هئا جيڪي شايد ڪيترن سالن تائين مڪمل نٿا ٿي سگهن، دنياوي ڪاروبار جي لاءِ اهي هر طرح جون تڪليفون ۽ مشقتون برداشت ڪندا هئا، اهي صرف هن دنيا جي لاءِ ئي ڪوششن ۾ مصروف هئا، ان جون آسائشون پسند ۽ انهيءَ جو سک انهن کي پيارو هو، اهي هن طرح زندگي گذاري رهيا هئا ڄڻ انهن کي ڪڏهن مرڻو ئي ناهي۔ اهڙي طرح اهي موت کان غافل خوشين ۾ بدمست ۽ راند روند ۾ مشغول هئا، انهن جا ڪفن بازارن ۾ اچي چڪا هئا پر اهي ان کان بي خبر، دنيا جي رنگينين ۾ گم هئا، آھ! انهيءَ بيخبري جي حالت ۾ انهن تي اوچتو موت اچي ويو ۽ اهي قبرن ۾ دفنائجي ويا، انهن جا والدين غم ۾ بيحال ٿي ويا، انهن جون بيوھ عورتون بيحال ٿي ويون، انهن جا ٻار سُڏڪندا رهجي ويا، مستقبل جي حسين خوابن جو آئينو چڪناچور