Book Name:Maut kay Qasid

یاد رکھ!ہر آن آخرموت ہے

مُلکِ فانی  میں  فنا  ہر شئے کو ہے

بارہا     علمیؔ    تجھے  سمجھا چکے

 

بن تو مت انجان آخر موت ہے

سُن لگاکر کان،  آخر موت  ہے

مان یا   مت مان آخر موت ہے

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته موت جي ياد هر وَقْت اسان جي دلين ۾ مَوجُود رهي ۽ اسان وَقت بوقت موت جي تياري ڪندا رهون ۽ ان جي علاوه ٻين گُناهن کان به بچندا رهون ته ان جي لاءِ اسان کي هڪ اهڙي ماحول جي ضرورت آهي جو جنهن ماحول ۾ اسان کي گُناهن جي سَزائن ۽ نيڪين جي جزائن جي باري ۾ آگاھ ڪيو ويندو رهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن زماني ۾ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مَدَني ماحول ۾ گُناهن کان نفرت ۽ نيڪين کان مَحَبَّت جي ترغيب ڏياري ويندي آهي، انڪري اوهان به دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ موت جي باري ۾ وڌيڪ مَعلُومات حاصِل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدِينه جي مَطبوعه 814 صفحن تي مشتمل ڪتاب اِحْياءُ العلوم جلد 5 مان ’’موت ۽ ان جي بعد جو بيان‘‘ ۽ مڪتبةالمدينه جو 44 صفحن تي مشتمل رسالو ’’موت جو تصور‘‘ پڙھي وٺو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بيحد مفيد معلومات حاصل ٿيندي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ شبِ براءَت يعني نجات ماڻڻ جي رات ، ڀلائن ڀري رات ، رحمت ڀري رات، دُعائن جي قبوليت واري رات، بخشش جي رات، تقسيمِ رزق جي رات، حاجين جا نالا لکيا وڃڻ