Book Name:Maut kay Qasid

ٿي ويو، اميدون تباھ ٿي ويون، انهن جا ڪم اڻپورا رهجي ويا، دنيا جي لاءِ انهن جون سڀ محنتون ضائع ٿي ويون، وارث انهن جا مال تقسيم ڪري مزي سان کائي رهيا آهن ۽ انهن کي وساري ڇڏيائون۔ ان تصور کان پوءِ هاڻي انهن جي قبرن جي حالات جي باري ۾ غور ڪيو ته انهن جا بدن ڪيئن ڳري سڙي ويا هوندا، آھ! انهن جا حسين چهرا ڪيئن تبديل ٿي ويا هوندا، اهي کلندا هئا ته انهن جي وات مان گل ڇڻندا هئا پر آھ! هاڻي انهن جا اهي چمڪدار ڏند ڇڻي چڪا هوندا ۽ وات ۾ پيپ پئجي وئي هوندي، انهن جون وڏيون خوبصورت اکيون اڀري رخسارن تي وهي آيون هونديون، انهن جا ريشم جھڙا وار ڇڻي قبر ۾ وکرجي چڪا هوندا، انهن جي سنهڙي ڊگهي نڪ ۾ ڪيڙا پئجي ويا هوندا، انهن جي گلاب جي پتين جهڙن نازڪ چپن کي ڪيڙا کائي رهيا هوندا، اهي ننڍڙا ٻار جن جي ٻاتين ڳالهين سان غمگين دليون به خوش ٿي وينديون هيون، مرڻ کان پوءِ انهن جي زبانن تي ڪيڙا چنبڙيل هوندا، نوجوانن جا طاقتور ۽ تازا جسم مٽي ۾ ملي ويا هوندا، انهن جا سمورا سَنڌ الڳ الڳ ٿي چڪا هوندا۔

اهو تصوّر ڪرڻ کان پوءِ سوچيو ته آھ! اهوئي حال جلد منهنجو به ٿيڻ وارو آهي، مون تي به نزع جي ڪيفيّت طاري ٿيندي، اکيون ڇت ۾ کُتل هونديون، مٽ مائٽ گڏ ٿيندا، ماءُ؛ او منهنجا ٻڇا! او منهنجا ٻڇا! چئي رهي هوندي، پيءُ مونکي؛ او منهنجا پٽ! او پٽ! چئي سڏي رهيو هوندو، ڀينرون ادا! ادا! ڪري پڪاري رهيون هونديون، دوست آهون ۽ سڏڪا ڀري رهيا هوندا، پوءِ انهيءَ روڄ راڙي واري