Book Name:Maut kay Qasid

هولناڪ ماحول ۾ روح قبض ڪيو ويندو، ڪو اڳتي وڌي منهنجون اکيون بند ڪندو، مون تي چادر وڌي ويندي، مٽن مائٽن جي روئڻ سان ڪُهرام مچي ويندو، پوءِ غسّال (يعني غسل ڏياريندڙ) کي گھرايو ويندو، مون کي غسل واري تختي تي سمهاري غسل ڏنو ويندو ۽ ڪفن پارايو ويندو، آھ و زاري جي شور ۾ ان گهر مان منهنجو جنازو نڪرندو جنهن گھر ۾ سڄي عمر گذاري، ڪالهه جن منهنجا ناز نخرا برداشت ڪيا هئا اڄ اهي ئي منهنجو جنازو پڙهڻ کان پوءِ قبرستان ڏانهن هلندا، پوءِ مونکي قبر ۾ لاهي منهنجا مائٽ پنهنجي هٿن سان مون تي مٽي وجهندا، آھ! پوءِ قبر جي انڌيرن ۾ مون کي اڪيلو ڇڏي سڀئي واپس موٽي ويندا۔ منهنجي دل وندرائڻ لاءِ ڪوبه اتي نه ترسندو، هاءِ! هاءِ! پوءِ قبر ۾ منهنجو جسم ڳرڻ سڙڻ شروع ٿي ويندو۔ ان کي ڪيڙا کائڻ لڳندا، اهي ڪيڙا خبر ناهي ته منهنجي ساڄي اک پهريان کائيندا يا کاٻي اک، منهنجي زبان پهريان کائيندا يا منهنجا چپ، هاءِ! هاءِ! منهنجي جسم تي ڪيتري قدر آزادي سان ڪيڙا رِڙهي رهيا هوندا، نڪ، ڪن ۽ اکين ۾ گھڙي رهيا هوندا۔ اهڙي طرح پنهنجي موت ۽ قبر جي حالات جو واري واري سان تصور ڪري پوءِ منڪر نڪير جي آمد، انهن جا سوال ۽ عذابِ قبر جو خيال دل ۾ آڻيو ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن پيش اچڻ وارن معاملن کان ڊيڄاريو۔

اهڙي طرح فڪر مدينه (يعني عملن جي محاسبي) جي ذريعي موت جو تصور ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دل ۾ موت جو احساس پيدا ٿيندو، نيڪين ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻبو۔

(بيانات عطاريه ،حصه۱،ص۳۰۹)