Book Name:Maut kay Qasid

واري رات، جهنم کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي رات، سعادت مندي يا بدبختي لکجڻ جي رات ۾ اسان موت جي قاصِدن جي باري ۾ بيان ٻڌو،

·          يقيناً موت برحق آهي ۽ موت کان پهريان موت جا قاصِد مثلاً ڪارن وارن کان پوءِ اڇن وارن جو اچڻ، ٻڌڻ جي قوت ۾ ڪمي اچڻ، پوڙهائپ، مُوذي مرض، جسماني ڪمزوري جي صُورت ۾ ايندا آهن پر موت جو اچڻ به انهن تي موقوف ناهي بلڪ ڪجھ تندُرست نوجوان ايستائين جو نومَولُود ٻار به موت جي آغوش ۾ هليا ويندا آهن۔

·           جيڪڏهن اسان جي زندگي ۾ اهي قاصد اچي ويا مثلاً خدانخواسته ڪا بيماري ٿي ته نِيت ڪيو ته شڪوي شڪايت ڪرڻ بدران صبر ڪري اَجْر ڪمائڻ جو موقعو هٿان نه وڃڻ ڏينداسين ۽ بيماري ۾ به جيتري قدر ممڪن ٿيندو نماز ۽ روزي جي پابندي ڪنداسين۔ ۽ جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ مرض مان شِفا بخشي ۽ ڊگھي زندگي عطا ڪئي ته جواني ۾ عبادت جا فضائل ماڻڻ سان گڏوگڏ پوڙهائپ ۾ به الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت، قرآنِ پاڪ جي تلاوت ۽ نيڪ اعمال جي ڪثرت ڪنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ .

جيڪڏهن اسان موت کان غافِل رهياسين ۽ دُنيا جي رنگينين ۾ مست ٿي قبر وآخرت جي تياري نه ڪئي ته ياد رکو! دُنيا ته جنهن طرح عيش وعشرت ۾ گُذاري وٺون پر آخرت ۾ ذِلّت ورُسوائي اسان جو مُقدَّر بڻجي سگھي ٿي ۽ بعض اَوقات دُنيا ۾ به ان جو