Book Name:Maut kay Qasid

اجاين خواهشن ۽ ڊگھين اُميدن جي بدران هر وَقْت پنهنجي موت کي ياد رکڻ گھرجي۔

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ             جان جا کر ہی رہے  گی یاد رکھ

موت آئی پہلواں بھی چل دئیے           خُوبصورت نوجواں بھی چل دئیے

موت اچي ورتو!!

حضرت سَيدُنا عبدُالله بن محمد قرشي رَحْمَة الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا:'' ڪنهن شهر ۾ هڪ گھڻو دولت مند نوجوان رهندو هو۔ ان کي هر طرح جون دُنياوِي نعمتون مُيسّر هيون۔ ان وٽ هڪ اِنتهائي حَسِين ۽ جَمِيل ٻانهي ھئي جنهن سان هو تمام گھڻي مَحَبَّت ڪندو هو۔ خُوب عيش وعِشرت ۾ ان جا ڏينهن رات گذري رهيا هئا، ان کي هر طرح جون دُنيوِي نِعمَتون مليل هيون پر اهو اَولاد جي نعمت کان محروم هو، ان جي وڏي خواهش هئي ته ان کي اَولاد ٿئي۔ ڪافي عرصي تائين ان کي اها خُوشي نصيب نه ٿي سگھي، پوءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل وڪرم سان اها ٻانهيء اُميد سان ٿي۔ هاڻي ته ان مالدار نوجوان جي خُوشي جي ڪا اِنتِها نه رهي، اهو خُوشي ۾ ماپبو به نه ويو، اِنتِظار جون گھڙيون ان جي لاءِ نهايت صبر آزما هيون، آخرڪار اهو وقت قريب اچي ويو ان کي جنهن جو ان کي شِدَّت سان اِنتظار هو پر ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ چاهيندو آهي۔ اوچتو اهو مالدار نوجوان بيمار ٿي پيو ۽ ڪجھ ئي ڏينهن بعد اَولاد جي ديدار جي حسرت دل ئي ۾ کڻي ان بي وَفا دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو۔ جنهن رات ان نوجوان جو