Book Name:Maut kay Qasid

جي ناراضگيءَ جو سبب آهي۔ موت کان پوءِ توبه جو دروازو بند ڪيو ويندو ۽ اسان جي گُناهن جو نتيجو عذاب جي صُورت ۾ اسان جي سامهون ايندو، ان وَقْت پڇتائڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواء ڪجھ هٿ نه ايندو، تنهنڪري اڃا به مَوقعي کي غنيمت سمجھندي گُناهن کان سچّي توبه ڪري نَمازن، رَمَضانُ المُبارَڪ جي روزن ۽ سُنَّتن ڀري زِندگي گُذارڻ جو عَهد ڪندي موت جي تياري شروع ڪري ڇڏيون۔ اڃا اسان مان اڪثر جوان آهن ۽ جواني الله عَزَّوَجَلَّ جي تمام وڏي نعمت آهي ان نعمت جي قدر ڪندي اُن کي عبادت ورِياضت ۾ گذاريو، سُڀاڻي پوڙهائپ ۾ همت ختم ٿي ويندي عضوا به جواب ڏئي چڪا هوندا ان وقت عبادت ڪرڻ مشڪل ٿي ويندي.

شهزاده اعليٰ حضرت حضور مُفتي اعظم ،هند مولانا مصطفي رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا:

رِیاضت کے یہی دن ہیں بُڑھاپے میں کہاں ہمّت

جوکچھ کرنا ہو اب کرلو ابھی نُوریؔ جواں تم ہو

موت جو هڪ قاصد ’’پوڙهائپ‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح بيماري موت جو هڪ قاصد آهي اهڙي طرح پوڙهائپ به موت کان پهريان ان جي قاصد جي حيثيت رکي ٿو۔ ائين ته انسان جو ڪنهن به وَقْت موت کان غافل رهڻ ڄڻ دُشمن جي گھيري ۾ سمهڻ جيان آهي پر پوڙهائپ ۾ موت کان غفلت ڪرڻ ائين ئي آهي جو دُشمن لاڳيتو حملو ڪندو وڃي ۽ اسان پنهنجي بچاؤ جي ڪا تدبير به اختيار نه ڪيون۔ پوڙهائپ عمر جو اهو آخري مرحلو آهي جو ان کان پوءِ موت جي علاوه ڪا ٻي منزل نه آهي ۽ اها