Book Name:Maut kay Qasid

مغفرت طلب ڪرڻ وارو جو اُن کي بخشي ڇڏيان! آهي ڪو روزي طلب ڪرڻ وارو جو ان کي روزي ڏيان! آهي ڪو مصيبت زده جو اُن کي عافيت عطا ڪيان! آهي ڪو اهڙو! آهي ڪو اهڙو! ۽ اهو ان وَقت تائين فرمائي ٿو جو فجر طلوع ٿي وڃي۔ (سُنَنِ اِبن ماجه ج۲، ص۱۶۰حديث۱۳۸۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.  (مِشْڪاة الْمَصابِيح ،ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت )

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سفر ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب:

(1)ٿي سگهي ته خميس واري ڏينهن کان سفر جي شروعات ڪئي وڃي ڇوته خميس تي سفر جي شروعات ڪرڻ سنّت آهي۔ (اشعة اللمعات،ج۵،ص۱۶۱) جيئن حضرت سيّدُنا ڪعب بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تَبوڪ جي جنگ جي لاءِ خميس جي ڏينهن روانا ٿيا ۽ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خميس جي ڏينهن روانو ٿيڻ کي پسند فرمائيندا هئا۔ (صحيح البخاري