Book Name:Maut kay Qasid

،ڪتاب الجهاد،باب من اراد غزوة فَوَرَّي ....الخ،الحديث ۲۹۵۰،ج۲،ص۴۹۶) (۲) جيڪڏهن سهولت هجي ته رات جو سفر ڪيو وڃي ڇوته رات جو سفر جلدي طئي ٿيندو آهي، حضرت سيّدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا؛ ”سرڪارِ مدينه، سلطانِ باقرينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”رات جو سفر ڪندا ڪريو، ڇو ته رات جو زمين ويڙهي ويندي آهي.'' (سنن ابي داؤد،ڪتاب الجهاد،باب في الدرجة،الحديث ۷۱ ۲۵،ج ۳،ص۴۰ ) (۳) جيڪڏهن ڪجهه اسلامي ڀائر گڏجي قافلي جي صورت ۾ سفر ڪن ته ڪنهن هڪ کي امير بڻائين۔ حضرت سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ روايت ڪن ٿا ته تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”جڏهن ٽي ماڻهو سفر تي روانا ٿين ته پاڻ مان هڪ کي امير بڻائن۔ (سنن ابي داؤد ،ڪتاب الجهاد ،باب في القوم يسافرون۔۔۔۔۔۔الخ، الحديث ۲۶۰۹، ج۳ ، ص۵۱، ۵۲ ) (۴) نڪرڻ وقت عزيزن، دوستن سان ملو ۽ انهن کان غلطيون معاف ڪرايو ۽ جن کان معافي گهري وڃي انهن تي به لازم آهي ته دل سان معاف ڪري ڇڏين۔ (بهارِ شريعت،حصه ۶،ص۱۹) (۵) اسان جڏهن به سفر تي روانا ٿيون ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي گهروارن ۽ مال کي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪري وڃون، الله تبارڪ و تعاليٰ ئي سڀ کان بهتر حفاظت ڪرڻ وارو آهي (۶) سفر دوران ذڪرُالله عَزَّوَجَلَّ ڪندا رهون۔ ٽرين يا بس وغيره ۾ بِسْمِ الله، اَلله اَکبَرُ، اَلْحَمْدُ لِلّٰه ۽ سُبْحَانَ الله سڀ ٽي (3) ٽي (3) ڀيرا، لَاۤ اِلٰه اِلَّا الله هڪ ڀيرو۔

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16