Book Name:Maut kay Qasid

عَزَّوَجَلَّ َّ جي تسبيح (پاڪي) بيان ڪندا رهندا آهن ۽ ان کان بيزار ناهن ٿيندا۔ (فتاوي عالمگيريج۱ ص۲۱۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اعتڪاف دَوران ڪيتري قدر نيڪيون ڪرڻ جا مَوقعا ملندا آهن۔ اسان کي به هر سال نه سهي گھٽ مان گھٽ زندَگي ۾ هڪ ڀيري هن اَداءِ مصطَفٰي کي اَدا ڪندي سڄي رَمَضانُ الْمُبارَڪ جو اِعْتِڪاف ڪرڻ ئي گھرجي ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏيارڻ گھرجي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ سڄي رمضان جي مهيني ۽ آخري عشري جي سُنّت اعتڪاف جي ترڪيب ٿيندي، سڀ کان وڏو اعتڪاف عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ ٿيندو،جنهن ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت ،اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه به معتڪف ٿيندا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهعَزَّوَجَلَّ اعتڪاف ۾ وضو و غسل، نماز و روزي ۽ ٻين شرعي مسئلن سان گڏوگڏ ظهر ۽ تراويح کان پوءِ جي مدني مذاڪرن جي ذريعي شيخِ طريقت ،اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان ڪيل سوالن جي دِلچسپ جوابن سان معلومات جو وڏو خزانو هٿ ايندو آهي۔

رحمتِ حق سے دامن تم آکر بھرو

مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

سنتیں سیکھنے کے لیے آؤ تم

مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد