Book Name:Maut kay Qasid

تائين ڇڪيو ويندو آهي، هي اهو وَقْت هوندو آهي جڏهن مرڻ واري جون اُمّيدون دُنيا ۽ دُنيا وارن کان ختم ٿي وينديون آهن جڏهن ته توبه جو دروازو ڪجھ ئي دير پهريان بند ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ حسرت و ندامت ان کي چئني پاسن کي گھيري وٺندي آهي۔ (احياءالعلوم،۵/۵۱۱،۵۱۲، ملتقطاً)

نزع میں رَبِّ غَفّار تجھ سے

 

موت سے قبل بیمار تجھ سے

طالبِ جلوۂ مُصْطفٰے ہے

 

یا خُدا تجھ سے میری دُعا ہے

وِردِ لب کلمۂ طَیِّبَہ ہو

 

اور ایمان پر خاتمہ ہو

آ گیا ہائے وقتِ قضا ہے

 

یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موت جي وَقْت جي تڪليف ته مُڙدو ئي ڄاڻي سگھي ٿو، پر اسان کي پنهنجي موت کي ڪڏهن وسارڻ نه گھرجي، حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: موت خوفناڪ آهي ۽ ان جو خطرو نهايت وڏوآهي پر پوءِ به ماڻهو ان کان غافل آهن جو ان جي باري ۾ نه سوچ ويچار ڪندا آهن نه ان کي ياد ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ياد به ڪندو آهي ته بي توجهي سان ڪندو آهي ته دل دُنيوي خواهشن ۾ مشغول رهندو آهي،تنهنڪري موت جي ياد سان دل کي ڪو فائدو ناهي ٿيندو، البت فائدو ان طريقي سان ٿي سگھي ٿو جو موت کي پنهنجي سامهون رکي ياد ڪري ۽ ان جي علاوه هر شيء کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏي جيئن ڪو شخص خطرناڪ جهنگ ۾ سفر جو ارادو ڪري يا سمنڊ ۾ سفر جو ارادو ڪري ته بَس ان جي باري ۾ غور وفڪر ڪندو رهندو آهي ان ڪري جڏهن موت جي ياد جو تعلق دل سان براه راست هوندو ته ان جو اثر به