Book Name:Maut kay Qasid

مرڻ واري جو آواز ۽ چيخ و پُڪار تڪليف سبب خَتم ٿي ويندو آهي ڇوته موت جي تڪليف ان وَقْت وڌي دل تي غَلَبو ڪندي آهي ۽ پوءِ سڄي بدن جي طاقت کسي هر حصّي کي ڪمزور ڪندي آهي، ايستائين جو ڪنهن به حصّي ۾ مدد گھرڻ جي طاقت ناهي رهندي، ۽ سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت تي غالب اچي ان کي حيران وپريشان ڪري ڇڏيندي آهي جڏهن ته زَبان کي گُونگو ۽ باقي جِسْماني حِصّن کي بي جان ڪندي آهي، جيڪڏهن ڪو شخص نَزع جي وَقْت روئڻ، دانهون ڪرڻ يا يا مدد گھرڻ به چاهي ته ائين نٿو ڪري سگھي ۽ جيڪڏهن ڪجھ طاقت باقي به هجي ته ان وَقت ان جي نڙي ۽ سيني مان غَرغَرَه ۽ ڳئون ڍڳي وغيره جي ڏڪارڻ جو آواز ئي ٻڌندو، ان جو رَنگ مٽيالو ٿي ويندو آهي ڄڻ مٽي مان بڻيل هو ته مرڻ وقت به مٽي ظاهر ٿيندي آهي، هر رَڳ مان رُوح ڪڍيو ويندو آهي، جنهن سبب تڪليف جسم جي اَندر ٻاهر هر جڳھ ڦهلجي ويندي آهي، اکين جا دوڏا مٿي ٿي ويندا آهن، چپ سُڪي ويندا آهن، زبان سُڪڙجي ويندي آهي ۽ آڱريون نيريون ٿي وينديون آهن، جنهن بدن جي هر هررَڳ مان رُوْح ڪڍيو ويو هوندو، ان جي حالت نه پڇيو ڇوته جيڪڏهن جِسْم جي هڪ رَڳ به ڇڪي وڃي ته تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آهي۔ ٿورو غور ته ڪيو ته سڄي رُوْح کي هڪ رَڳ مان نه بلڪ هر هر رَڳ مان ڪڍيو ويندو آهي ته ڪيتري قَدر تڪليف ٿيندي هوندي؟ ۽ پوءِ آهستي آهستي جسم جي هر هر حصّي تي موت طاري ٿيندو آهي، پهريان قدم ٿڌا ٿي ويندا آهن پوءِ پنيون ۽ پوءِ رانون ٿڌيون ٿي وينديون آهن ۽ جسم جي هرهر حصّي کي سختي کان بعد وري سختي ۽ تڪليف کان پوءِ وري تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ايستائين جو رُوْح نڙي