Book Name:Maut kay Qasid

ٿيندو ۽ علامت اها هوندي جو دنيا کان دل ايتري ٽٽي چڪي هوندي جو دنيا جي هر خوشي بي معني ٿي ويندي آهي۔ (احياء العلوم ،۵/۱۹۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موت جي حقيقت ڄاڻڻ کان پوءِ اچو! هاڻي موت کي ياد ڪرڻ جا ڪجھ فضائل به ٻڌون ٿا جيئن (هڪ ڀيري) حضرت سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها عرض ڪيو:”يارسول الله
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا شهيدن سان گڏ ڪنهن ٻي کي به اٿاريو ويندو؟ “ارشاد فرمايائون:”ها! ان کي به جيڪو ڏينهن رات ۾ 20 ڀيرا موت کي ياد ڪري۔ )المعجم الاوسط، ۵/ ۳۸۱، حديث:۷۶۷۶، بتغيرڪثير(

حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گذر اهڙي مجلس وٽان ٿيو جنهن مان کلڻ جو آواز بلند ٿي رهيو هو، ارشاد فرمايائون:”پنهنجي مجلسن ۾ لذتن کي بي مزو ڪرڻ واري جو به تذڪرو ڪندا ڪيو۔“انهن عرض ڪيو:  ”لذتن کي بي مزو ڪرڻ واري ڪهڙي شيء آهي؟“ ارشاد فرمايائون: ”موت۔“

(موسوعة الامام ابن ابي الدنيا، ڪتاب ذڪر الموت، باب الموت والاستعداد له، ۵/ ۴۲۳، حديث:۹۵)

حضرت سيدُنا عبدُالله بن عمر رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهمَا فرمائن ٿا ته مان بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيڻ واراو ڏهون شخص هئس جو ڪنهن انصاري صحابيرَضِي الله تَعَالٰي عَنْه عرض ڪيو: ”يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ماڻهن ۾ وڌيڪ عقلمند ۽ عزت وارو ڪير آهي؟“ ارشاد فرمايائون: ”موت کي وڌيڪ ياد ڪرڻ ۽ ان جي وڌيڪ تياري ڪرڻ وارو، اهي ئي