Book Name:Maut kay Qasid

ماڻهو عقلمند آهن جو دنياوي ۽ اُخروي اعزاز سان رُخْصت ٿيندا آهن۔“ (مڪارم الاخلاق لابن ابي الدنيا، ص۵، حديث:۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته احاديثِ مُبارَڪه ۾ موت کي ياد ڪرڻ واري کي شهيدن سان گڏ اٿاريو وڃڻ جي خوشخبري ڏني وئي آهي ۽ ان کي عقلمند ۽ مُعَـزِّز ماڻهن ۾ شُمار ڪيو ويو آهي۔ ان ڪري هن مرتبي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي به عقلمندي جو ثبوت ڏيندي موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي تياري جي لاءِ نماز روزن جي پابندي ڪرڻ، گُناهن کان بچڻ ۽ خُوب خُوب نيڪيون ڪرڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ اڄ اسان وٽ موقعو آهي پر عمل جي طرف اسان جي دل مائل ناهي ٿيندي سڀاڻي مرڻ کان پوءِ دُنيا ۾ نيڪ اعمال نه ڪرڻ جي حسرت هوندي ۽ دل به چاهندي ته مون کي ڪجھ عرصي جي لاءِ ٻيهر دُنيا ۾ موڪليو وڃي ته جيئن نيڪ اعمال ڪري سگھان پر ان وَقْت سِواءِ حسرت ۽ ندامت جي ٻيو ڪو چارو نه هوندو۔ تنهنڪري اڄ کي سڀاڻي تي فَوقيت ڏيندي اڄ ئي کان نيڪ اعمال شُروع ڪري ڇڏيو ۽ هر لمحي پنهنجي موت کي پيشِ نظر رکو ڇوته موت کي ياد ڪرڻ موت جي تياري ۾ اهم ڪردار اَدا ڪري ٿو۔

نہ مانگے موت آئے گی نہ بیہوشی ہی چھائے گی

کرم کر دو یہ سب کیسے سہوں گا یا رسول اللہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد