Book Name:Maut kay Qasid

أَيْنَمَا تَكُونُوا يُدْرِكْكُمُ الْمَوْتُ وَلَوْ كُنْتُمْ فِي بُرُوجٍ مُشَيَّدَةٍ

 

ترجَموڪنزالايمان: توهان جاٿي به هُجو موت توهان کي اچِي پُهچندو جيتوڻِيڪ مضبُوط قلعن ۾ هُجو.

منقول آهي هڪ ڀيري ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام حضرت سيدُنا سُلَيمان عَلَيه السَّلَام وٽ آيا ۽ اوهان جي ويجھو ويٺل هڪ شخص کي مسلسل ڏسندا رهيا پوءِ ٻاهر هليا ويا، ان شخص حضرت سيدُنا سليمان عَلَيه السَّلَام کان پڇا ڪئي: اِهي ڪير هئا؟ پاڻ عَلَيه السَّلَام فرمايائون: اِهي ملڪ الموت هئا۔ ان چيائين: مون ان ڏانهن ڏٺو ته اهي مون کي ائين ڏسي رهيا هئا جو جيئن مون کي وٺڻ آيا هجن۔ حضرت سيدُنا سليمان عَلَيه السَّلَام فرمايو: هاڻي توهان ڇا چاهيو ٿا؟ چيائين: مان چاهيان ٿو ته اوهان مون کي ان کان بچائي وٺو ۽ هوا کي حڪم ڏيو ته اها مون کي هنْد جي ڪنهن پري واري علائقي ۾ پهچائي ڇڏي۔ حڪم ٻڌندي ئي هوا ان کي اتي پهچائي ڇڏيو۔ مَلَڪ الْمَوت عَلَيه السَّلَام جڏهن ٻيهر آيا ته حضرت سيدُنا سليمان عَلَيه السَّلَام پڇا ڪئي: توهان منهنجي ويجھو ويٺل شخص کي مسلسل ڇو ڏسي رهيا هئا؟ مَلَڪ الْمَوت عَلَيه السَّلَام چيائين: مون کي ان تي حيرانگي ٿي رهي هئي جو مون کي اهو حڪم مليو جو ڪجھ دير کان پوءِ ان جو رُوح هند جي پري واري علائقي ۾ قبض ڪيان جڏهن ته اهو اوهان وٽ ويٺل هو۔ (احياء العلوم ج ۵ ص۲۱۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اهو شخص هن گُمان ۾ هو جو جيڪڏهن مان مَلَڪ الْمَوت جي نگاهن کان غائب ٿي ڪيئي ميل