Book Name:Maut kay Qasid

پري هليو ويندس ته شايد موت کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس پر آه! جنهن هنڌ تي ان جو موت پهريان کان لکجي چڪو هو اُهو پاڻ ئي اتي پهچي ويو۔ يادرکو! موت ڪنهن کي ناهي ڇڏيندو هر جاندار کي موت جو مزو چکڻو پوندو۔ جيئن سيپاري 17 سُوْرَة الْاَنبيا جي آيت نمبر 35 ۾ ارشاد آهي :

كُلُّ نَفْسٍ ذَائِقَةُ الْمَوْتِ

 

ترجَموڪنز الايمان: هر ساھ کي موت جو مزو چکڻو آهي

مُفسِّرِ شَهير،حڪيمُ الاُمَّت،مُفْتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَة الله تَعَالٰي عَلَيه  هن آيتِ مُبارَڪه جي تَحت فرمائن ٿا: اِنسان هجن يا جنّ يا ملائڪ، الله  عَزَّ وَجَلَّ  جي سِوا هر هڪ کي موت اچڻو آهي۔ ۽ هر شيء فاني آهي۔

( نور ُالعرفان ،ص۱۱۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته قرآنِ ڪريم واضِح لفظن ۾ اهو اعلان فرمائي رهيو آهي ته موت هر هڪ کي اچڻو آهي ان کان ڪو به بچي نٿو سگھي، ان جي باوُجُود به اسان ان جي تياري نه ڪيون ته ڪيتري قدر افسوس جي ڳالھ آهي ۔ جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن لُطف ۽ رَنگ وسُرور جي وڏي محفل ۾ شريڪ ٿئي ۽ ان کي اها خبر ڏني وڃي ته هاڻي ڪو سپاهي ايندو ۽ توکي سڀني جي سامهون پنج (5) ڪَوڙا هڻندو ته يقيناً اُن کي اها محفل بدمزه ۽ زندگي بي رونق معلوم ٿيڻ لڳندي پر موت جو هر لمحي اسان جي پويان اچي رهي آهي ۽ ڪنهن به وَقْت تمام تَر سختين سان گڏ اچي پڪڙي سگھي ٿو پوءِ به اسان غفلت جي ننڊ سمهي رهيا آهيون۔