Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

قبر  ۽  آخرت کي ياد رکو ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت زياد عَنۡبَري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جو واقعو ٻڌو، ڏسو! الله وارن جو انداز ڪيڏو نرالو هو۔ پاڻ پنهنجي دوستن سان گڏ ويٺا هئا، الله وارن جي محفل ۾ فضول ڳالهيون نه ٿينديون آهن، اتي باقاعده ڪاميڊي (Comedy) نه ٿي رهي هئي، ائين ئي ڳالهين ڳالهين ۾ ڪا کِلڻ واري ڳالهه ٿي وئي جنهن تي پاڻ کليا ۽ سندن ٽهڪ بلند ٿي ويا، اڃان پورو کليا به نه هئا ته اوچتو سندن دل تي خوفِ خدا غالب اچي ويو، فوراً استغفار ڪيائون ۽ بارگاهِه الٰهي ۾ حاضريءَ جو سوچي روئڻ لڳا.

افسوس! اسان کي ته پنهنجا گناهه ياد ئي نه ايندا آهن، هر وقت فقط کِلَ ڀوڳ، مذاق مشڪري، اُبتيون سُبتيون حرڪتون آهن. فَن (Fun)، مذاق ، اِنجُواءِ  (Enjoy) جي نالي تي کِلندا ڪُڏَندا زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا آهيون * گناهه ته ڪڏهن ياد ئي نه ايندا آهن * اسان کي مرڻو به آهي * قبر ۾ لهڻو به آهي * قيامت جي ڏينهن پنهنجي مالڪ ۽ موليٰ جي اڳيان پيش به ٿيڻو آهي * افسوس! قبر ۾ انتهائي خوفناڪ اوندھه هوندي * افسوس! اُتي دل ڏڪائيندڙ اڪيلائي ۽ وحشت هوندي * افسوس! قيامت جو اهو هولناڪ ڏينهن...!! اهو 50 هزار سالن جو ڏينهن، جڏهن سج باہه وَسائي رهيو هوندو * ٽامي جي زمين خوب تَتَل هوندي * گرمي جي شدت سبب دماغ ٽَهڪِي رهيو هوندو ۽ ماڻهو پنهنجي ئي پگهَر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا   * افسوس! اسان کي اسان جي مالڪ جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويندو * هِڪَ هِڪَ عمل جو حساب ورتو ويندو * افسوس! اها پُل صِراط ...!! وار کان سَنهي، تلوار کان تيز، اونداھيءَ ۾ گهيريل اها خوفناڪ پُل، خبر ناهي ته ان تان گذري جنت ۾ داخل ٿي وينداسين يا ڪَٽجي جہنم جي گہري کَڏي ۾ ڪِري پونداسين.

اِهي سمورا خوفناڪ معاملا اسان جي سامهون آهن، بس ساهه جي تندُ ٽٽڻ