Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

ايندي به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن، اُها به صرف گهڙي کن لاءِ،. افسوس! اسان جي دلين جو حال ڪهڙو هوندو ...!!

عارضی آفتِ دُنیا سے تو ڈرتا ہے دِل

ہائے    بے     خوف     عذابوں      سے      ہوا     جاتا      ہے.([1])

(3): صالِحَن جي صحبت

پيارا اسلامي ڀائرو! دل جو زنگ دور ڪرڻ جو ٽيون ۽ عملي طور سڀ کان وڌيڪ اثرائتو(Effective) طريقو نيڪ صحبت آهي * الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن وٽ اچڻ وڃڻ * انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ * انهن ڏانهن محبت سان ڏسڻ ۽ * انهن جي سيرت اختيار ڪرڻ جي برڪت سان ايترو ته تيزيءَ سان دل جو زنگ لهندو آهي جو ان جو ڪو جواب ئي نه آهي.

دل جي سختيءَ جو  انوکو  علاج

 حضرت جعفر بن سليمان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: جڏهن به مان پنهنجي دل ۾ سختي محسوس ڪندو هئس ته صبح جو سوير حضرت محمد بن واسع رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويندو هيس، انهن جي برڪت سان مون کي فائدو ٿيندو هو. ([2])

اللہ اللہ کیے جانے سے اللہ نہ ملے                                    اللہ والے ہیں جو اللہ سے ملا دیتے ہیں

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: فجر لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ جي هن پرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ اُمَّت کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي. اوهان


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:432۔

[2]...حِلْیَۃُ الْاَوْلیاء، محمد بن واسع،  جلد:2، صفحہ:395، رقم:2694۔