Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

نه آهي پر اهو ڪيترين ئي نيڪين جو مجموعو آهي* درود پڙهڻ سان ايمان تازو ٿيندو آهي، اِها هڪ نيڪي آهي* درود پاڪ جي برڪت سان رسول اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي يقين وڌندو آهي، اِها ٻِي نيڪي آهي* درود پاڪ پڙهڻ ۾ تعظيمِ مصطفيٰ آهي، اِها ٽين نيڪي آهي* درود پاڪ پڙهڻ سان آخرت تي ايمان پختو ٿيندو آهي، اِها چوٿين نيڪي آهي* درود پاڪ ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احسانن جو ذڪر آهي، اِها پنجين نيڪي آهي * درود پاڪ ۾ نيڪَن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر آهي ۽ نيڪَن جو ذڪر ڪرڻ سان رحمت نازل ٿيندي آهي، اِها ڇهين نيڪي آهي۔ ([1])

اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي نيڪيون آهن جيڪي هڪ درودِ پاڪ جي ذريعي ملي وينديون آهن۔ تنهنڪري اسان کي گهرجي ته دل ۾ ايمان وڌائڻ، عشقِ مصطفيٰ کي وڌائڻ ۽ الله پاڪ جي رحمتن جا حقدار بڻجڻ جي لاءِ گهڻي کان گهڻو درود پاڪ پڙهندا رهون۔

نبی کی شان میں ہو جس قدر دُرُود  پڑھو!                                 مُحِبَّو! پاؤ گے جنّت میں گھر دُرُود    پڑھو!

جو اپنے کاموں کا انجام نیک چاہتے ہو                           ہر ایک کام میں تم پیش تر دُرُود    پڑھو!

ہزار دَرد کو یہ ایک دَوا کفایت ہے                                               جو پیش آئے ذرا بھی خطر دُرُود    پڑھو! ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[3](

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون،


 

 



[1]... الدر المنضود، مقدمہ، الفائدۃ الرابعہ...الخ، فوائد فی الامر بالصلاۃ علیہ، صفحہ:22۔

[2]... نورِ ایمان، صفحہ:56تا57 ملتقطاً۔

[3]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔