Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
جي دير آهي، هن دنيا سان اسان جو تعلق ٽٽي ويندو ۽ آخرت جي هولناڪ معاملن سان اسان کي مُنهُن ڏيڻو پئجي ويندو۔ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اڄ اسان جي آخري رات هجي، شايد اسان صبح جو سج به نه ڏسي سگهون، موت اسان جي بلڪل ويجهو بيٺو آهي، پر اسان آهيون جو بس غفلت ۾ ڏينهن گذاري رهيا آهيون، اسان کي انهن سڀني هولناڪين جو نه فڪر ستائي رهيو آهي ۽ نه ئي ياد اچي رهي آهي، بس پنهنجي مستيءَ ۾ مست، کِلَ ڀوڳ ۽ راند روند ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهيون.
ڪاش! حضرت زياد عَنۡبَري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ وانگر اسان کي به آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان تي به گِريه طاري ٿي وڃي، ڪاش! دل تي غم ڇانئجي وڃي ۽ خوفِ خدا جي سبب اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي وڃن.
گهَٽِ کِلو ! ۽ گهڻو روئو ...!!
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
فَلْیَضْحَكُوْا قَلِیْلًا وَّ لْیَبْكُوْا كَثِیْرًاۚ-(پارو: 10، سورۃ التوبـﺔ: 82)
ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ انهن کي گهرجي ته ٿورو کِلَن ۽ تمام گهڻو روئن.
هي آيت مبارڪه منافقن جي باري ۾ نازل ٿي، حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان منقول آهي: هيءَ دنيا تمام ٿورڙي آهي، هتي جيترو چاهي کِلي وٺو...!! جڏهن آخرت ۾ پهچندؤ ته اهڙو روئڻو پوندو جنهن جي ڪا انتها نه هوندي.)[1](
صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي انسانو ...!! روئندا ڪريو! جيڪڏهن توهان کي روئڻ نه اچي ته روئڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو ...!! بيشڪ جہنمي روئيندا، ايتري تائين جو سندن مُنهَنِ ۾ کَڏا پئجي ويندا، انهن جا ڳوڙها ختم ٿي ويندا ۽ سندن اکيون زخمي ٿي پونديون، حالت اهڙي هوندي جو جيڪڏهن انهن (وهايل ڳوڙهن) ۾ ٻيڙي ڇڏي وڃي ته هلڻ لڳي.)[2](