Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

ڀَر  پاسي    وارن   تي   به   رحم

حضرت حسن بصري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا ته: جيڪڏهن ماڻهو الله جي خوف سبب روئي ته ان جي برڪت سان ان جي ڀَر پاسي وارن تي به رحم ڪيو ويندو آهي، توڙي جو اهي 20 هزار ئي ڇو نه هجن.([1])

نُور  وڌائڻ واري نيڪي

حضرت عمر بن ذَرۡ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: مون تائين هيءَ ڳالهه پهتي آهي ته جڏهن ٻانهو الله جي خوف سبب روئندو آهي ته هر ڳوڙهي جي بدلي الله پاڪ ان جي دل ۾ نور جا جبل رکي ڇڏيندو آهي ۽ کيس نيڪ عمل ڪرڻ جي قوت عطا فرمائيندو آهي.([2])

روئڻ گناهن کي مِٽائيندو آهي

حضرت مالڪ بن دينار رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: جيئن هوا سُڪل پنن کي اڏائيندي آهي، خوفِ خدا سبب روئڻ تيئن ئي گناهن کي اڏائيندو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! الله جي خوف سبب روئڻ ڪيڏي نه وڏي نيڪي آهي، ان جي برڪت سان جهنم کان نجات ملندي آهي * روئڻ واري کي ملائڪن وٽ ”منور“ (يعني نوراني دل وارو) لکيو ويندو آهي * روئڻ واري تي رحمت سڀني کان پهريان نازل ٿيندي آهي * الله جي خوف سبب نڪتل هڪ ڳوڙهو سڄي دنيا جي جبلن کان به وڌيڪ وزني آهي * خوفِ خدا سبب روئڻ جهنم جي باھ کي وِسائي ڇڏيندو آهي * الله جي خوف سبب روئڻ واري جو پنهنجو ڪهڙو نه شان هوندو جو ان جي روئڻ جي برڪت سان ان جي اوڙي پاڙي وارن جي به بخشش ڪئي ويندي آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! انهن روايتن ۽ نيڪ ماڻهن جي ارشادات مان معلوم ٿيو ته الله جي خوف سبب روئڻ سڀ کان وڏي نيڪي آهي. اسان کي به گهرجي ته الله جي خوف سبب روئندا رهون.


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الرقۃ و البکاء، جلد:3، صفحہ:171، حدیث:9۔

[2]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الرقۃ و البکاء، جلد:3، صفحہ:174، حدیث:25۔