Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

کي مرده  (Dead) ڪري ڇڏيندو آهي. ([1]) * اهڙي طرح گهڻو کائڻ، خاص ڪري حرام حلال جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ کائيندو رهڻ، دل کي مرده ڪري ڇڏيندو آهي * ۽ دل کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ واري شيءِ گناهه آهي. گناهه ننڍو هجي يا وڏو، دل تي خراب اثر (Bad Effect)  وِجهندو آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو آهي:

كَلَّا بَلْٚ- رَانَ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ مَّا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَ(۱۴) (پارو: 30، سورۃ مطففين: 14)

ترجمو ڪنزالعرفان: بلڪه انهن جي ڪيل عملن انهن جي دلين تي ڪَٽُ چاڙهي ڇڏي آهي.

دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد                                                                   کوئی ایسی ہَوا چَلا یارَبّ!

نفس و شیطان ہو گئے غالِب                                                اُن کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ!

نِیْم جاں کر دیا گُنَاہوں نے                                                             مَرضِ عِصْیاں سے دے شِفا یارَبّ!

واسطہ میرے پیر و مرشِد کا                                                       مجھ       کو         تُو        متقی        بنا        یارَبّ! ([2])

دل کي نرم ڪرڻ جا 3 نسخا

دل جي سختي مِٽائڻ ۽ دل کي نرم ڪرڻ جا 3 نسخا پيش ڪري رهيو آهيان:

(1): ذڪر الله جي ڪثرت

ذڪر الله جي ڪثرت ڪرڻ سان دل جو زنگ دور ٿيندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ جيئن لوهه (Iron) کي ڪَٽُ لڳندي آهي، تيئن ئي دلين کي به ڪَٽُ لڳندي آهي. عرض ڪيو ويو: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! دل جي زنگ جو علاج ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: موت کي گهڻو ياد ڪرڻ ۽ ذڪر الله جي ڪثرت ڪرڻ. ([3])


 

 



[1]... ابنِ ماجہ،کتاب الزہد،باب الحزن و البکاء،صفحہ:681،صفحہ:4193۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:79-81 ملتقطًا۔

[3]... شُعَبُ الایمان ،  باب في تعليم القرآن، جلد:2،صفحہ:353، حدیث:2014۔