Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
روئڻ شروع ڪري ڏنائون.)[1](
مرے اشک بہتے رہیں کاش ہر دم ترے خوف سے یاخدا یاالٰہی
تیرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھر تھر رہوں کانپتا یاالٰہی)[2](
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو هي خوبصورت واقعو پنهنجو پاڻ ۾ تمام گهڻي نصيحت رکي ٿو۔
پهريان هيءَ ڳالهه ياد رکو ته! * هڪ آهي تبسم: يعني مسڪرائڻ (Smile) جنهن ۾ آواز پيدا نه ٿئي، اهو سنت آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گهڻو مسڪرائيندا هئا۔ حضرت جَرير رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: مون جڏهن به محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته مسڪرائيندي ئي ڏٺو.)[3](
جس کی تسکیں سے روتے ہوئے ہنس پڑیں اس تبسم کی عادَت پہ لاکھوں سلام)[4](
وضاحت: جنهن جي دلداري ۽ آٿت سان غمگين دلين جون مکڙيون ٽڙي پونديون آهن، اهڙي پياري پياري، سهڻي سهڻي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري مسڪراهٽ تي لکين سلام هجن.
* ٻيو هوندو آهي ضِحِک يعني ايتري آواز سان کِلَڻ جنهن جو آواز صرف پنهنجو پاڻ کي ٻڌڻ ۾ اچي.