Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

کاش لَبْ پر مِرے رہے جاری                                 ذِکْر آٹھوں پَہَر ترا یاربّ!

چَشمِ تَر اور قلبِ مُضْطَر دے                                                     اپنی       اُلفت       کی       مَے       پِلا       یاربّ! ([1])

(2): موت کي ياد ڪرڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! دل جو زنگ لاهڻ وارو ٻيو نيڪ عمل آهي: موت کي ياد ڪرڻ. جي ها! موت کي ياد ڪرڻ سان به دل جو زنگ دور ٿيندو آهي. امام ابن ابي دنيا رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ لکن ٿا: هڪ دفعي هڪ عورت حضرت عائشه صديقه، طيبه، طاہرہ رَضِیَ اللہُ عنہا جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ دل جي سختي جي شڪايت ڪيائين. حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمايو: اَکْثِرِیْ مِنْ ذِکْرِ الْمَوْتِ يعني موت کي ڪثرت سان ياد ڪندي ڪر!

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها عورت ٻيهر آئي ۽ حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا جو شڪريو ادا ڪيائين (ته مان توهان جي ٻڌايل نسخي تي عمل ڪيو ته الله جو فضل ٿي ويو، موت جي ياد رنگ لاتو ۽ دل جي سختي دور ٿي وئي). ([2])

معلوم ٿيو ته موت جي ياد سان دل جو زنگ تمام تيزيءَ سان لهندو آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته وقت بوقت موت کي ياد ڪندا رهون.

موت جي ياد  کان غافل رهڻ جو انجام

حضرت سعيد بن جبير، ربيع بن ابو راشد ۽ ڪيترن ئي بزرگانِ دين رحمۃُ اللہِ علیہم جو بيان آهي ته: جيڪڏهن هڪ لمحي جي لاءِ به موت جي ياد دلين مان نڪري وڃي ته دليون بگڙجي وينديون آهن. ([3])

اللہُ اَکْبَر! موت جي ياد هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به دل مان نڪري وڃي ته دل بگڙجي ويندي آهي، اسان کي ته موت جي ياد ايندي ئي نه آهي، جيڪڏهن


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:79۔

[2]...موسوعۃ  ابن ابی الدنیا، باب ما یعین ذکر الموت، جلد:5، صفحہ:442، حدیث:156۔

[3]...مجموع رسائل  ابنِ رجب،ذم قسوۃ القلب،جلد:1،صفحہ:265۔