Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
بيان جو خلاصو آهي: اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!مان دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ته هيس پر ديني ڪمن جي معاملي ۾ سُستي جو شڪار هيس، هڪ ڏينهن هڪ ذميدار اسلامي ڀاءُ مونکي سمجهائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ بطورِ خاص نمازِ فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ واري ديني ڪم جي خوب پابندي ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! منهنجو ذهن بڻجي ويو ۽ مان ايندڙ ڏينهن ئي ان تي عمل شروع ڪري ڇڏيو. فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ ته ڇا شروع ڪيو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم ٿي ويو، قسمت جو تارو ايئن چمڪيو جو انهيءَ سال مونکي مديني پاڪ جي حاضري جي سعادت نصيب ٿي وئي.
کروں دم بدم میں ثنائے مدینہ لگاتا رہے دل صدائے مدینہ
لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر ذرا دل لگا کر صدائے مدینہ([1])
اي عاشقانِ رسول! اَلحمدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن لانچ ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Kalam e Ala Hazrat (ڪلامِ اعليٰ حضرت) * هن ايپلي ڪيشن ۾ امامِ اہلِ سنت، سيدي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جو مشهورِ زمانه نعتيه مجموعو حدائقِ بخشش ۽ نغماتِ رضا شامل آهن * جن کي حروفِ تهجيءَ جي ترتيب سان رکيو ويو آهي * پنهنجي گهربل ڪلام کي سرچ (Search) ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي * هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني چينل جو سلسلو نغماتِ رضا (يعني حدائقِ بخشش جا مخصوص ڪلام) به شامل ڪيو ويو آهي، جن کي آسانيءَ سان آڊيو ۽ ويڊيو ۾ ٻڌي ۽ ڏسي سگهجي ٿو۔ هيءَ ايپلي ڪيشن پاڻ به پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو ۽ پنهنجن دوستن ۽ رشتيدارن سان به شيئر ڪريو ۽ پنهنجي دل کي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي