Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
وڃي نه ٿو سگهي.([1])
حضرت خالد بن معدان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: بيشڪ هڪ ڳوڙهو جهنم جي ڪيترن ئي سمنڊن کي وِسائي ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن ڳوڙها وهي ڳَلَن تي اچي وڃن ته اهڙو مُنهُن جهنم نه ڏسندو. جيڪو شخص خوفِ خدا سبب روئندو آهي، ان جا سڀئي عضوا خشوع اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ ملائڪن وٽ ان جو ۽ سندس والد جو نالو ”منور“ يعني روشن لکيو ويندو آهي. يعني اهو ٻانهو جنهن جي دل کي ذڪر الله روشن ڪري ڇڏيو آهي.([2])
حضرت فرقَد رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته: الله جي خوف سبب روئڻ وارن کي خوشخبري ٻڌايو ته: بيشڪ جڏهن رحمت نازل ٿيندي آهي ته روئڻ وارن تي سڀني کان اڳ ۾ نازل ٿيندي آهي.([3])
حضرت هارون بن رِئَاب رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: مون تائين هيءَ ڳالهه پهتي آهي ته (الله جي خوف سبب) روئڻ جو وزن ڪيترن ئي مثقالن (ڪجهه گرام) جي برابر آهي. انهن مان هڪ مثقال (ڪجهه گرامن) کي جيڪڏهن سڄي دنيا جي جبلن سان توريو وڃي ته خوفِ خدا سبب نڪرڻ وارن ڳوڙهن جي هڪ مثال جو وزن سڀني جبلن کان وڌي ويندو. بيشڪ الله جي خوف سبب نڪتل هڪ ڳوڙهو باهه جي ڪيترن ئي سمنڊن کي وِسائي ڇڏيندو آهي، جڏهن ٻانهو اخلاص سان ڪنهن محفل، مجلس يا اجتماع ۾ روئندو آهي ته ان جي روئڻ جي برڪت سان سمورن اجتماع وارن کي بخشيو ويندو آهي.([4])
[1]... شعب الایمان، باب فی الخوف من اللہ تعالیٰ، جلد:1، صفحہ:490، حدیث:800۔
[2]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الرقۃ و البکاء، جلد:3، صفحہ:172، حدیث:15۔
[3]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الرقۃ و البکاء، جلد:3، صفحہ:173، حدیث:18۔
[4]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الرقۃ و البکاء، جلد:3، صفحہ:174، حدیث:28۔