Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ دنيا آهي، جيڪو هتي خوفِ خدا وِچان روئندو، قبر ۽ آخرت کي ياد ڪري، پنهنجي گناهن کي ياد ڪري روئندو، اهو قيامت جي ڏينهن خوش ۽ خرم رهندو، جيڪو هتي نه روئندو، کِل ڀوڳ، مذاق مشڪري ۽ راند روند ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن وڃائيندو رهندو، خدانخواسته جيڪڏهن جہنم جو حقدار بڻجي ويو ته اتي کيس عذاب سھڻو پوندو ۽ تمام گهڻو روئڻو پوندو.
ٻارُ رُنو ، ته پاڻ به روئي پيا
حضرت محمد بن فَرُّوخ رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: هڪ دفعي مون کي سعادت نصيب ٿي جو حضرت رَيَاح قَيسي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ اسان جي گهر تشريف فرما ٿيا، رات جو اوچتو اسان جو ننڍڙو ٻار رُنو ته ان کي روئندو ڏسي حضرت رياح قيسي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ به روئڻ لڳا، ٻار ته چپ ٿي ويو پر پاڻ صبح تائين روئندا رهيا.
مون ايترو گهڻو روئڻ جو سبب پڇيو ته فرمايائون: ٻار رُنو ته مون کي جہنمين جو روئڻ ياد اچي ويو، افسوس! جہنمي جہنم ۾ روئندا هوندا، اتي ڪو انهن جو مددگار نه هوندو.[1]
حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جو روئڻ
* حضرت سفيان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضرت عمر بن عبد العزيز رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي مجلس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري هئي پر پاڻ بلڪل خاموش ويٺا هئا، پڇيو ويو ته حضور! ڇا ڳالهه آهي، اوهان خاموش ڇو آهيو؟ فرمايائون: مان اهلِ جنت جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ته اهي ڪيئن نه خوشي خوشي هڪ ٻئي سان ملاقاتون ڪندا رهندا! پر دوزخ وارا هڪ ٻئي کي بيقراريءَ مان مدد لاءِ سَڏيندا رهندا۔ ايترو چوڻ کان پوءِ پاڻ روئڻ لڳا۔ ([2]) * حضرت عمر بن عبد العزيز رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هڪ دفعي روئڻ لڳا، انهن کي روئندو ڏسي سندن زوجه محترمه حضرت فاطمہ بنت عبد الملڪ رَحمۃُ اللہِ علیہا به روئڻ لڳيون، پوءِ ٻيا گهر وارا به روئڻ لڳا، جڏهن روئڻ جو سلسلو رُڪيو ته عرض ڪيو ويو: