Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
شروع ڪيائون. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تلاوت ڪندا رهيا ۽ ڳوڙها وهائيندا رهيا، مبارڪ ڳوڙها سندن جهولي ۾ ڪِري رهيا هئا. پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي ليٽي پيا، مبارڪ اکين مان اڃان تائين ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ زمين کي چمي رهيا هئا۔ سڄي رات ائين ئي گذري وئي، ايسيتائين جو حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ فجر جي اذان ڏني۔ جڏهن حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي روئندو ڏٺو ته عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اوهان روئي رهيا آهيو، جڏهن ته اوهان جي صدقي اوهان جي اڳين ۽ پوين جا گناهه بخشيا ويا آهن۔ فرمايائون: اَفَلَا اَكُونَ عَبْدًا شَكُورًا يعني اي بلال! ڇا مان پنهنجي رب جو شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان ...؟[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته خوفِ خدا جي سبب روئڻ سنتِ مصطفيٰ آهي، معلوم ٿيو ته اڄ به جيڪي روئندا ۽ روئاريندا آهن، اهي وڏا خوش نصيب آهن جو سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪري رهيا آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ خدا جي سبب روئڻ سنتِ مصطفيٰ به آهي ۽ سنتِ انبياء به آهي * روايتن ۾ آهي ته: حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام مسلسل 300 سالن تائين ڳوڙها وهائيندا رهيا* حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، پاڻ خوفِ خدا سبب خوب روئندا هئا، ايتري تائين جو سندن نالو ئي نوح يعني تمام گهڻو روئڻ وارو ٿي ويو * روايت آهي ته حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام جي پاڪ زماني ۾ جڏهن طوفان آيو ته ان وقت سندن پٽ جيڪو ڪافر هو، اهو اوهان سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سوار نه ٿيو ۽ غرق ٿي ويو، ان تي پاڻ الله جي بارگاهه ۾ عرض ڪيائون:
رَبِّ اِنَّ ابْنِیْ مِنْ اَهْلِیْ(پارو: 12، سورۃ هُود: 45)
ترجموڪنزالعرفان: اي منهنجا رب! منهنجو پٽ به ته منهنجي گهر وارن مان آهي.