Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
ڪري ڇڏيو آهي جو مزاحيه ويڊيوز (Funny Videos) ۽ ٽوٽڪا ڏسي ڏسي، هاڻي شايد هر گهر ۾ هڪ يا ٻه باقاعده ڪاميڊين (Comedian) ملي ويندا. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي.
حديث پاڪ ۾ آهي: هڪ ماڻهو ڪا اهڙي (ڪوڙي) ڳالهه ڪندو آهي جنهن سان هُو ٻين کي کِلائيندو آهي، پر اها ڳالهه کيس آسمان ۽ زمين جي فاصلي کان به وڌيڪ فاصلي تائين پري جہنم ۾ وٺي ويندي.[1]
قہقے اور یاوہ گوئی میں ترا نقصان ہے بے ضرورت بولنے والا بڑا نادان ہے
بھاگتے ہیں سُن لے بد اَخْلاق اِنساں سے سبھی مُسْکرا کر سب سے مِلنا دل سے کرنا عاجِزی([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! بيشڪ کلڻ گناهه نه آهي، پر کِل ڀوڳ ڪرڻ غفلت جي علامت ضرور آهي، تنهنڪري دين ۾ ان جي حوصلا افزائي نه ڪئي وئي آهي پر ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي۔ حضرت عبد اللہ بن عمر رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: هڪ دفعي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم جي ڀرسان گذريا ته اهي پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ کِلي رهيا هئا. رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي نصيحت ڪندي فرمايو: اُذْکُرُوا الْمَوْتَ يعني موت کي ياد ڪريو! اَمَا وَالَّذِي بَعَثَنِي بِالْحَقِّ لَوْ تَعْلَمُونَ مَا اَعْلَمُ لَضَحِكْتُمْ قَلِيلًا وَلَبَكَيْتُمْ كَثِيرًا ان ذات جو قسم جنهن مون کي حق سان گڏ موڪليو آهي، جيڪڏهن توهان اهو ڄاڻو ها جيڪو مان ڄاڻان ٿو ته توهان گهٽ کِلو ها ۽ گهڻو روئو ها.[3]
قہقہہ تم مت لگاؤ بھائیو! گر لحاظِ گریہ سرکار ہے([4])