Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
* ٽيون هوندو آهي ٽَهڪُ (Laughter): يعني ايتري آواز سان کِلڻ جو ٻيا به ٻڌي وٺن.
ٽهڪ ڏيڻ جيتوڻيڪ گناهه نه آهي، پر ٽهڪ ڏئي کلڻ نه گهرجي۔ حديث پاڪ ۾ آهي: اَلْقَهْقَهَةُ مِنَ الشَّيْطَانِ يعني ٽهڪ ڏئي (بلند آواز سان) کِلڻ شيطان جي طرف کان آهي.)[1](
پر افسوس! اڄڪلهه ته ٽهڪ ڏيڻ عام ٿي ويو آهي، هر پاسي ٽهڪن جا آواز بلند ٿيندي ٻڌجي رهيا آهن * دوستن جي محفل هجي يا ڀائرن ۽ ڀينرن جو گڏجڻ * دڪان هجي يا آفيس * بس يا ريل گاڏي جو سفر هجي يا وري فون تي ڳالهه ٻولهه هجي * هر هنڌ ٽهڪ گونجي رهيا هوندا آهن * اڳي ائين ٿيندو هو ته جڏهن ٻه ماڻهو پاڻ ۾ ويهي ڳالهائيندا هئا ته ٽهڪ وغيره لڳائيندا هئا پر هاڻي ته اڪيلو ماڻهو ويٺو هوندو آهي، اهو به موبائل ڏسي، فني ويڊيوز ڏسي، ريلز ڏسي ٽهڪ ڏئي رهيو هوندو آهي * حد ته اها آهي جو مسجدن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ٽهڪ ڏيڻ کان باز نه ايندا آهن، الله پاڪ معاف فرمائي، مسجد ۾ ٽهڪ ڏيڻ ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي.
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: مسجد ۾ دنيا جي جائز ڳالهه ڪرڻ به نيڪين کي کائي ويندو آهي۔[2] ان مان اندازو لڳايو ته جڏهن مسجد ۾ دنيا جي جائز ڳالهه ڪرڻ جو ايڏو وڏو نقصان آهي ته پوءِ ٽهڪ ڏئي کلڻ جو وبال ڪيترو هوندو...؟
خطاؤں کو میری مِٹا یاالٰہی! مجھے نیک خصلت بنا یاالٰہی!
تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولا مِری بخش دے ہر خطا یاالٰہی!
افسوس! اسان وٽ ته ڪاميڊي باقاعده هڪ فن بڻجي چڪو آهي، ماڻهو باقاعده ڪاميڊي سکندا آهن، پاڻ به کِلندا آهن ۽ ٻين کي به کِلائيندا آهن. ٽڪ ٽاڪ، (TikTok) شارٽس (Shorts) ۽ ريلز (Reels) وغيرهه اهڙو ته حال تباهه