Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

انعام بڪنگ ڪندڙن مان خوشنصيب ماڻهن کي انعام ملندا. مثال طور: * پين قرآن * تفسير * سيرت خَاتَمَ النَّبين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم * مسڪي پرفيوم * ماهوار جي فري بڪنگ وغيره. جلدي بڪنگ ڪرايو ۽ انعام کٽڻ جو موقعو حاصل ڪريو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                        صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ  يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

اِستعاذھ (يعني الله پاڪ جي پناهه طلب ڪرڻ) سنت آهي

فرمانِ آخري نبي صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم: جيڪو ڏينهن ۾ 10 ڀيرا شيطان مردود کان الله پاڪ جي پناہه گهرندو آهي، الله پاڪ ان ٻانهي سان گڏ هڪ ملائڪ مقرر فرمائيندو آهي، جيڪو ان شخص کان  شيطان کي پري رکندو آهي. ([2]) 

اي عاشقانِ رسول! استعاذہ يعني الله جي پناہه گهرڻ سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي. اسان جا آقا ۽ مولا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شيطان مردود کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي آفتن کان الله جي پناہه گهرندا هئا، مثلاً: * ڪنجوسيءَ کان الله پاڪ جي پناهه گهرندا هئا * جُبن يعني بزدليءَ کان الله پاڪ جي پناهه گهرندا هئا * ڪَسَل يعني سستيءَ کان الله پاڪ جي پناهه گهرندا هئا * هَرم  يعني لاچار ڪرڻ واري پوڙهائپ کان الله پاڪ جي


 

 



[1]... مشکوٰۃ،کتابُ الْاِیمان،بابُ الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]... مُسْنَدِابویعلیٰ،صفحہ:320، حدیث:4114۔