Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
پناهه گهرندا هئا * اهڙي طرح پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبر جي عذاب ۽ دجال جي فتني کان به الله پاڪ جي پناہه گهرندا هئا. ([1])
اي عاشقانِ رسول! اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته بيشڪ الله جا محبوب آهن، يقيناً پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بخشيل آهن، فتنن کي ختم ڪرڻ وارا آهن، الله پاڪ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ته حفاظت جو واعدو فرمايو آهي، يقيناً انهن جو مختلف آفتن کان پناہه گهرڻ صرف ۽ صرف اُمَّت جي تعليم جي لاءِ ئي هو. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته شيطان مردود کان، گناهن کان ۽ هر شيءِ جي شر کان الله پاڪ جي پناہه گهرندا رهون. جيڪو الله پاڪ کان پناہه گهرندو آهي، الله پاڪ ان کي پناہه عطا فرمائيندو آهي. اسان چوندا آهيون نه: مَعَاذَ اللہ (يعني الله جي پناہه). اهڙي طرح اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم پڙهو، يا پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي چئو: مان شيطان جي شر کان، بخل کان، قبر جي عذاب کان، ڪفر کان، گناهن کان ۽ هر شيءِ جي شر کان الله جي پناہه گهران ٿو۔“
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـﺔ المدينه جو شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
رَبّ کے در پر جھکیں التجائیں کریں بابِ رحمت کُھلیں قافلے میں چلو
عاشقانِ رسول ان سے رحمت کے پھول آؤ لینے چلیں قافلے میں چلو
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد