Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
اَللَّهُمَّ ارْزُقْنِي عَيْنَيْنِ هَطَّالَتَيْنِ تَبْكِيَانِ بِذُرُوفِ الدُّمُوعِ، وَتَشْفِيَانِنِي مِنْ خَشْيَتِكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ تَكُونَ الدُّمُوعُ دَمًا۔
ترجمو: اي الله! مون کي وهندڙ اکيون عطا فرماءِ، اهڙيون اکيون جيڪي خوب ڳوڙها وهائينديون رهن، تنهنجي خوف کان مون کي شِفا ڏين، ان کان اڳ جو ڳوڙها رت بڻجي وڃن.
پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً هيءَ دعا اسان جي تربيت جي لاءِ آهي. اسان کي به گهرجي ته اسان روئڻ واريون اکيون گهرندا رهون۔ الله پاڪ کان دعا ڪندا رهون: اي الله! اسان کي روئڻ واريون اکيون عطا فرماءِ.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه جڏهن روئڻ روئارڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته عاشقانِ رسول الله پاڪ جي خوف کان، عشقِ رسول ۾ روئندا به آهن، روئاريندا به آهن ته ڪي ماڻهو ان کي برو به سمجهندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو ان تي اعتراض به ڪندا آهن. پر هتي هيءَ ڳالهه ياد رکو ته خوفِ خدا سبب روئڻ سنت آهي۔ حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته جڏهن هيءَ آيت مبارڪ نازل ٿي:
اَفَمِنْ هٰذَا الْحَدِیْثِ تَعْجَبُوْنَۙ(۵۹) وَ تَضْحَكُوْنَ وَ لَا تَبْكُوْنَۙ(۶۰) (پارو: 27، سورۃ النجم: 59-60)
ترجموڪنز العرفان: پوءِ ڇا اِن ڳالهه تي توهان تعجب ڪيو ٿا؟ ۽ کِلو ٿا ۽ روئو نه ٿا؟
ته اصحابِ صُفَّه رَضِیَ اللہُ عنہم ايترو ته رنا جو انهن جا مبارڪ ڳَلَ ڳوڙهن سان آلا ٿي ويا۔ انهن کي روئندو ڏسي رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به روئڻ لڳا۔ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا وهندڙ ڳوڙها ڏسي اهي اڃان وڌيڪ روئڻ لڳا۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اهو شخص جهنم ۾ داخل نه ٿيندو جيڪو الله