Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
پاڪ جي خوف کان رنو هجي.)[1](
اللہ! کیا جہنَّم اب بھی نہ سرد ہو گا؟ رو رو کے مصطَفٰے نے دریا بہا دیئے ہیں([2])
وضاحت: هن شعر ۾ منهنجا آقا اعليٰ حضرت، مولانا شاہه امام احمد رضا خان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ خداءِ غفار جي درٻار ۾ عرض ڪري رهيا آهن ته اي الله! ڇا غلامانِ مصطفيٰ جي لاءِ جہنم جي باہه اڃان به ٿڌي نه ٿيندي! منهنجا پيارا پيارا پالڻهار! تنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي امت جي بخشش لاءِ دعائن ۾ ايترو ته رنا آهن ايترو ته رنا آهن ڄڻ ته روئي روئي درياءَ وهائي ڇڏيا اٿن.
خدائے غفّا ر بخش دے اب تو لاجِ محبوب رکھ ہی لے اب
ہمارا غمخوار فکرِ اُمّت میں دیکھ آنسو بہارہا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللہُ عنہ جو فرمان آهي: مون ڏٺو ته، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ دفعو هڪ وڻ جي هيٺان بيهي سڄي رات نماز پڙهندا رهيا ۽ روئندا رهيا، ايسيتائين جو صبح ٿي ويو.[3]
ڇا مان شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان ...؟
مسلمانن جي اَمِي جان، حضرت عائشه صديقه طيبه طاہرہ رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون: هڪ دفعي رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ تشريف کڻي آيا، پوءِ فرمايائون: عائشه! اڄوڪي رات مون کي پنهنجي رب جي عبادت ڪرڻ ڏي ...!! پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اٿيا، وضو فرمايائون ۽ تلاوت ڪرڻ