Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
اي امير المؤمنين! اوهان ڇو روئي رهيا هئا؟ فرمايائون: مون کي بارگاهِه الٰهي ۾ حاضر ٿيڻ ياد اچي ويو هو، جنهن کان پوءِ ڪو جنت ۾ ويندو ته ڪو دوزخ ۾، ايترو چئي پاڻ رَحمۃُ اللہِ علیہ هڪ دانهن ڪئي ۽ بيهوش ٿي ويا. ([1]) * حضرت عمر بن عبد العزيز رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي هڪ غلام جو بيان آهي ته: مان رات جو سندن خدمت ۾ حاضر رهندو هئس، اڪثر وقت پاڻ خوفِ خدا جي سبب روئندا رهندا هئا، هڪ رات پاڻ معمول کان وڌيڪ رُنا، جڏهن صبح ٿيو ته مون عرض ڪيو: منهنجا ماءُ پيءِ اوهان تي قربان! اڄ رات توهان ايترو رنا آهيو جو ڪڏهن اڳ ۾ اهڙو نه رنا آهيو۔ فرمايائون: مون کي بارگاهِه الٰهي ۾ بيهڻ جو منظر ياد اچي ويو هو۔ ايترو چوڻ کان پوءِ سندن مٿان بيهوشي طاري ٿي وئي ۽ ڪافي دير کان بعد هوش ۾ آيا، ان کان پوءِ مون انهن کي ڪڏهن به مسڪرائيندي نه ڏٺو. ([2])
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھرتھر رہوں کانپتا یاالٰہی ([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! الله وارن جو ڪهڙو نه شان هو، انهن جي سوچ ڪيتري نه پياري هئي، اهي بلند رُتبي وارا حضرات جہنم کي ياد ڪري خوب روئيندا هئا، ڳوڙها وهائيندا هئا، راتين جون راتيون روئندي گذاريندا هئا۔ پر افسوس! هڪ اسان آهيون، جو اسان کي روئڻ ئي نه ٿو اچي۔ ڪاش! اسان کي به روئڻ نصيب ٿي وڃي.
هڪ خوبصورت دعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو! حضرت سالم بن عبد الله رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا گهرندا هئا:)[4](